ھنڱورجا ( رپورٽر ) سنڌ ڌرتي جي عظيم ڏاھي ليکڪ، اديب، دانشور ۽ محقق عطا محمد ڀنڀرو جي وڇوڙي کي 3 سال مڪمل ٿي ويا، ٽئين ورسي جي موقعي تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي
ھنڱورجا لڳ ڳوٺ بچل ڀنڀرو ۾ ورسي ملهائي وئي، سنڌ سجاڳ فورم جي چيئرمين سارنگ جويو، عبدالحق ڀنڀرو، فريد احمد رتڙ، نورمحمد تنيو، ساجد منڱريو، محسن سولنگي سميت ٻين سياسي سماجي قومپرست ڪارڪنن جي وڏي انگ عطا محمد ڀنڀرو جي آخري آرامگاهه تي پهچي گلن جي چادر چاڙهي
ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته عطا محمد ڀنڀرو سنڌ جو سچو عاشق ھيو جنھن ادب ۽ تحقيق جي ميدان ۾ سنڌ جي ۽ سنڌي ماڻھن جي وڏي خدمت ڪئي، عطا محمد ڀنڀرو مختلف ٻولين جا سوين ڪتاب ترجمو ڪيا ۽ ڪيترائي ڪتاب لکيا، عطا محمد ڀنڀرو سراپا سنڌ ھيو، ان جي ڪردار کي صدين تائين وساري نه ٿو سگھجي
ھنن چيو ته عطامحمد ڀنڀرو پنھنجي دور ۾ سنڌ سان ناانصافين جي ڪري احتجاج طور ملڪ جو سڀ کان وڏو صدارتي ايوارڊ وصول نه ڪيو ھن سموري زندگي سنڌ جي خوشحالي لاءِ پاڻ پتوڙيو ۽ تعليم جي ميدان ۾ متحرڪ ڪردار ادا ڪيو، عطامحمد ڀنڀري جي نالي سان اڪيڊمي جوڙڻ گهرجي