سنڌ جي عوامي ۽ تعليمي ٽرانسپورٽ ۾ ايس اين جي تي بندش

  سنڌ جي عوامي ۽ تعليمي ٽرانسپورٽ ۾ ايس اين جي تي بندش

 ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ٽرانسپورٽ کاتي سمورن ٽرانسپورٽرز کي ٽريفڪ قانون ۽ روٽ پرمٽس جي شرطن تي سختي سان عمل ڪرڻ جون ھدايتون جاري ڪندي چتاءٌ ڏنو آھي ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندڙ گاڏيون ضبط ڪرڻ سان گڏوگڏ سندن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويندا. ان حوالي سان سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سمورين گاڏين کي مقرر ٿيل رفتار تي ھلائڻ لازمي ھوندو، اوور لوڊنگ، غلط اوورٽيڪنگ، تيز رفتاري، لاپرواھي واري ڊرائيونگ ۽ ون وي جي ڀڃڪڙين کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته نيشنل ھاءِ وي سيفٽي آرڊيننس 2000 تحت ايڪسل لوڊ جي مقرر ٿيل حد تي سختي سان عملدرآمد کي يقيني بڻايو وڃي، ضلعن وچ ۾ هلندڙ ٽرانسپورٽ، اسڪول، ڪاليج يا تعليمي ادارن جي گاڏين ۾ سي اين جي، ايل پي جي ۽ ايل اين جي  استمال تي پابندي ھوندي، سمورين پبلڪ سروس گاڏين ۾ ايمرجنسي ايگزٽ، فرسٽ ايڊ باڪس ۽ فائر ايگسٽينگشر جي دستيابي ۽ فعاليت لازمي قرار ڏني وئي آھي. هن چيو ته گاڏيون رڳو صحيح دستاويزن بشمول رجسٽريشن، فٽنيس سرٽيفڪيٽ ۽ روٽ پرمٽ تحت ھلايون وينديون، وڏين گاڏين  لاءِ باءِ پاسز ۽ لنڪ روڊ، جن ۾ انڊس ھاءِ وي اين 55 ۽ مھراڻ ھاءِ وي شامل آھن، جي استعمال ٿي پابندي ھوندي، سمورن ڊرائيورن وٽ درست ايڇ ٽي وي ڊرائيونگ لائسنس ھجڻ لازمي ھوندو