سنڌ جي لوچ ۽ سوچ سان سانا جو شڪاگو ڪنوينشن پڄاڻي پهتو

جُولاءِ 5, 2023

شڪاگو(رپورٽ: دودو چانڊيو) سنڌي ايسوسيئيشن آف نارٿ آمريڪا جو 39 ساليانو ڪنوينشن پڄاڻي تي پهتو. آمريڪا جي شهر شڪاگو ۾ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ ڪنوينشن ۾ سنڌ جي معاشي صورتحال، ٻوڏ جي تباھ ڪارين، نوجوانن لا روزگار جا موقعا جي عنوانن تي غور ڪيو ويو. ٽقافتي پروگرام ۽ راڳ رنگ جون محفلون به ٿيون.

مختلف سيشنن کي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر، قيصر بنگالي، عطا چانهيو، محب علي شاھ، ڊاڪٽر مقبول هاليپوٽو، ڊاڪٽر نديم قمر، حسن مجتبيٰ، مسرت شاہه، نازش بروهي، شوڪت زرداري ۽ ٻين خطاب ڪيو. جڏهن ته مشاعري ۾ حسن مجتبيٰ، اياز گل، آمنا بٽر، غفار تبسم ۽ ٻين شاعري پڙهي. جيتن اداسي، ڪاجل رامچنداڻي، مخدوم سليمان بلال مهيسر ۽ ٻين سرن جي ورکا ڪئي. مرڪو پرنسولي جي تيار ڪيل ڊاڪيومينٽري ڏيکاري وئي.

سهائي ابڙو رقص پيش ڪيو. سانا ڪانفرنس ۾ آمريڪا جي مختلف رياستن کان سواءِ ڪئناڊا، پاڪستان ۽ لنڊن سميت دنيا جي مختلف ملڪن جي سنڌين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

Leave A Comment