سنڌ جي ليڊي سپاهي جي اسرائيل جي حمايت ۾ وڊيو وائرل: پوليس کاتي ۾ ٿرٿلو

آڪٽوبر 14, 2023

ڪراچي( رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ پوليس جي ليڊي ڪانسٽيبل جي اسرائيل جي حق ۾ مبينا ٽڪ ٽاڪ وڊيو وائرل ٿيڻ بعد پوليس کاتي ۾ ٿرٿلو مچي ويو

  ليڊي ڪانسٽيبل سمبل غوري سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان اسرائيل جي حق ۾ هڪ وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي اپلوڊ ڪئي هئي، ٽڪ ٽاڪ تي ليڊي ڪانسٽيبل جي آءِ ڊي غوري اينجل جي نالي سان آهي

 آءِ جي سنڌ جي نوٽيس  وٺڻ کانپوءِ ليڊي پوليس اهلڪار پنهنجون سموريون وڊيوز اوچتو ڊليٽ ڪري ڇڏيون، پوليس موجب معاملي جي جاچ ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ  آصف اعجاز شيخ ڪري رهيو آهي

ميرپور خاص واسي  ليڊي ڪانسٽيبل سنبل غوري سي پيڪ سيڪيورٽي لاءِ قائم ڪيل اسپيشل پروٽيڪشن يونٽ هيڊ ڪوارٽر ۾ مقرر ٿيل آهي، سندس تعلق عيسائي برادري سان آهي

هوڏنهن ٽڪ ٽاڪر ليڊي سپاهي سنبل جو چوڻ آهي ته منهنجي آءِ ڊي صحيح طريقي سان ڪم نه ڪري رهي هئي، ڪنهن اسرائيل جي حق ۾ وڊيو ٺاهي منهنجي آءِ ڊي تي اپلوڊ ڪئي هئي، جنهن سبب آئون ذهني اذيت جو شڪار ٿي وئي آهيان، آئون فلسطين جي عوام سان گڏ آهيان

لاڳاپيل پوسٽون

  • سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي ۾ وڏي ردوبدل

  • حيدرآباد کي اڌ ڪلاڪ جي برسات ٻوڙي ڇڏيو

  • ڪنوار شانتي جو گلابن جهڙو مک مرجهائجڻ لڳو

  • شاهه لطيف جو عرس، انتظامن بابت اجلاس