سنڌ جي ماڻهن اذيتون ڏنيون، جلد پرڏيهه ويندس: ممتاز مولائي عدالت ۾ پيش

جُولاءِ 10, 2023

خيرپور(رپورٽر) فحش ڪلام ڳائڻ جي الزام هيٺ آيل راڳي ممتاز مولائي، شاعر ۽ ٻيا خيرپور جي عدالت آڏو پيش ٿيا، ممتاز مولائي چيو آهي ته منهنجي ڳايل ڪلام ۾ ڪي به فحش لفظ نه آهن، عدالت مان انصاف جي اميد آهي

 راڳي ممتاز مولائي، شاعر اياز ڀنگر ۽ ٻيا فورٿ ايڊيشنل سيشن جج الطاف حسين بجاراڻي جي عدالت آڏو پيش ٿيا

هي به پڙهندا

 خيرپور جي وڪيل ۽ درخواست گذار ارباب جهانگير انصاري ممتاز مولائي ۽ ٻين خلاف پٽيشن داخل ڪرائي هئي درخواست گذار جو  موقف آهي ته ممتاز مولائي جي ڪلام دلبر کي ڪيئن پرچائبو آ ۾ فحش لفظ استعمال ٿيل آهن

ان موقعي تي ممتاز مولائي چيو ته منهنجي ڳايل ڪلام ۾ ڪي به فحش لفظ نه آهن، عدالت مان انصاف جي اميد آهي پر سنڌ جي ماڻهن جيڪي اذيتون ڏنيون آهن ان ڪري ملڪ ڇڏي ويندس

Leave A Comment