سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، کنوڻ ڪرڻ سبب نينگري سميت 2 ڄڻا فوت: 4 عورتون زخمي

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، کنوڻ ڪرڻ سبب نينگري سميت 2 ڄڻا فوت: 4 عورتون زخمي

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ج وسڪارو، وڄ ڪرڻ جي واقعن ۾ نينگري سميت 2ڄڻا فوت، 4 عورتون زخمي، ميروخان تعلقي جي ڳوٺ سيرو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب نينگر ريحان چانڊيو فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ لکمير ٽڳڙ ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 12ورهين جي نينگري عزا ٽڳڙ فوت ٿي وئي، ٻڌايو پيو وڃي ته نينگر ۽ نينگري گهرن کان ٻاهر بيٺل هئا ته واقعو پيش آيو، جڏهن ته قمبر جي جاگير واري علائقي جي ڳوٺ قائم خان چانڊيو ۾ گهر مٿان وڄ ڪرڻ سبب 4 هڪ ئي گهر جون عورتون فرزانه چانڊيو،حنا ،نويده چانڊيو ۽تنزيلا زخمي ٿي پيون، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو،ٻي طرف رستم ۽ محمد آباغ شھرن توڙي ڀرپاسي واري علائقن ۾ اڌ ڪلاڪ تائين برسات پئي، جنھن سبب بجلي جي فراهمي بند ڪئي وئي، جڏھن ته برسات پوڻ سبب رستم ويجھو ڳوٺ انجنيئر سعدخاناڻي جتوئي م کنوڻ ڪرڻ جو به واقعو پيش آيو، جڏهن ته کنوڻ ڪرڻ سبب گاهه کي باهه لڳي وئي، بھرام ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز طوفان سان برسات جي وسڪاري سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو، موسم خوشگوار ٿي وئي، ڳڙھي حسن ۾ مٽي جي طوفان سان برسات جي وسڪاري سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي،باھوکوسو، ڪريم بخش کوسو، دوڙ , دلمراد،مانجھي پور،پنھور سنھڙي ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات پئي،  ميروخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي بڻجي وئي، شهدادڪوٽ ۾ برسات سبب بجلي جو نظام درهم برهم ٿي ويو،  ڏوڪري ۾ به برسات جو وسڪارو ٿيو، جنهن سبب موسم خوشگوار بڻجي وئي،  سجاول جوڻيجو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب 10 جريب جو ڪڻڪ جو ديرو سڙي ويو.