ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، وسڪاري کانپوءِ روڊ رستن تي پاڻي بيهجي ويو، راڻپور ۾ برسات دوران ڪوچ ڪلٽي ٿيڻ سبب 15 مسافر زخمي ٿي پيا
ڪراچي، نصير آباد، ڀريا سٽي، ٻانڌي، دريا خان مري، ڀٽ شاهه، ميان صاحب، شاهپور چاڪر ۽ پڊ عيدن ۾ برسات کانپوءِ روڊ رستا ۽ هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، شهرين پاران سڀاڻي عيد هئڻ سبب پاڻي فوري طور نيڪال ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي
کيرٿر جي جابلو پٽي تي وسڪارن بعد ڪاڇي ۾ نيئون وهي آيون، نيئن گاج، انگئي، هليلي ۽ ٻيون نيئون وهي اچڻ سبب ڇني جوهي روڊ پاڻيءَ هيٺ اچي ويو، ڪاڇي جي چئن يوسيز ٽنڊو رحيم، ڇني، شاهه حسن ۽ ساوڙو جو جوهي سان زميني رابطو ڪاٽا ٿي ويو
نيئون وهي اچڻ سبب ڪيترائي ڳوٺ پاڻيءَ هيٺ به اچي ويا، پاڻيءَ هيٺ آيل ڳوٺن ۾ سجاول آلکاڻي، ڪيچي خان شاهاڻي، پنهون جي ٽڪري، بجار شاهاڻي، علي مراد شاهاڻي ۽ ڳوٺ الهه داد شاهاڻي شامل آهن
موسميات کاتي اڄ کان 3 ڏينهن تائين برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي، ڪراچي، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، سجاول سوڌو ٻين شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي