سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات، گهر ڊهي پٽ، عورت فوت، 47 زخمي
آگسٽ 28, 2024
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جنهن دوران هڪ عورت فوت ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، ان سلسلي ۾ ڀٽ شاهه ڀرسان ڳوٺ الياس پرهياڙ ۾ برسات دوران گهر جي ڀت ڪرڻ سبب عورت سليمي زال ليمون پرهياڙ فوت ٿي وئي، جڏهن ته 2 ٻارڙا افتخار پرهياڙ ۽ مشتاق پرهياڙ زخمي ٿي پيا، ڳاڙهو ويجهو ڳوٺ ڪالاخان ڪلوئي ۾ برسات سبب 25 گهر ڊهي پيا جنهن سبب 20 مرد، عورتون ۽ ٻار سخت زخمي ٿي پيا، ميرپورساڪرو ۾ برسات تباهي مچائي ڇڏي، يوسي کڳاڻ جي مختلف ڳوٺن ڳوٺ الھبخش ڪلوئي، ڪالا خان ڪلوئي. محمد بخش ڪلوئي ۾ 75 گھر ڪري پٽ پئجي ويا. جنهن ۾ 25 ماڻهوَ زخمي ٿي پيا، حيدرآباد شھر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. قمبر ۽ ڀرپاسي وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو، آسمان تي ڪڪر ڇانيل رهيا، موسم جهڙالي ۽ ٿڌيون هوائون لڳڻ ڪري گرمي جو زور ٽٽي ويو، بدين شهر ۽ ضلعي جي مختلف علائقن گولاڙچي، ڪڙيو گھنور، تلھار، ٽنڊو باگو، پنگريو، ملڪاڻي، نندو شھر، کوسڪي، شادي لارج، ڪڍڻ، سيراڻي. ٻھڊمي. علي بندر. احمد راڄو سميت ساحلي پٽي جي ڳوٺن ۾ گجگوڙ سان تيز طوفاني برسات ٿي. سنڌ حڪومت پاران رين ايمرجنسي قائم ڪندي بدين لاءِ ذوالفقار شاھ کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويو آھي پر پاڻ بدين نه پھچي سگھيا آھن، ٺٽي ۾ ٻئي ڏينهن به تيز هوائن سان گڏ برسات ٿي، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، گلاب لغاري ۽ ڀرپاسي تيز طونان سان برسات جو وسڪارو، ٽماٽي، بصر، مرچ، وونئڻن سميت ٻئي فصل کي نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي، ڪيٽي بندر ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات، هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو.گهوڙا ٻاري ۽ ڀرپاسي برسات سبب هيٺانهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، ڏيئي شهر سميت ڀرپاسي وارن علائقن تيز هوائن طوفان برسات ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان جاري رهي. ٽنڊوباگو ۽ ڀرپاسي ٻئي ڏينهن به تيز برسات جو وسڪارو وقفي وقفي سان جاري رهيو، سجاول ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات جو سلسلو جاري رهيو. ميرپوربٺورو ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو. ڪنري تعلقي جي مختلف علائقن ۾ تيز هوا سان گڏ ٽئين ڏينھن به وقفي وقفي سان تيز برسات جو سلسلو جاري رهيو، برسات سبب عام زندگي مفلوج ٿي وئي، تعلقي ۾ 100 ملي ميٽر کان وڌيڪ برسات رڪارڊ ڪئي وئي، عمرڪوٽ شھر ۾ تيز برسات وسڻ جو سلسلو جاري رھيو جڏھن ته آسمان تي ڪڪر ڇانيل رھيا ۽ موسم خوشگوار ٿي وئي، جهوڪ شريف ۽ ڀرپاسي ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان تيز بارش ٿي، ڪڍڻ شھر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان تيز برسات جاري رھي، ٺاروشاهه ۽ ڀـرپاسي جي علائقن درٻيلو، مڃٺ، ڀـورٽي، دليپوٽا ۾ تيـز هوا سـان برسات پئي، ٽنڊو آدم ۽ آسپاس برسات جو سلسلو ٻئي ڏينهن به جاري رهيو، واهي پانڌي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات جو وسڪارو ٿيو، بهرام ۽ ڀرپاسي برسات سبب فصلن ۾ پاڻي بيهي ويو، جنهن سبب آبادگارن جا مٿي تي هٿ اچي ويا، قصبو ۽ ڀرپاسي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي، ٽنڊي محمد خان ۾ وسڪارو ٿيو، کپرو ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري رهيو، پيرونمل، ڪنڊياري، ارڙهون ميل، دلشاخ، الشهباز موڙ ۽ آسپاس تيز برسات پئي، بلڙي شاھ ڪريم، اڏيرولال، شاهپور چاڪر ۾ طوفاني برسات سبب مواصلاتي نظام درهم برهم ٿي ويو، ننگر پارڪر ۾ چوٿين ڏينهن به برسات جو سلسلو جاري رهيو.