سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، سيءَ وڌي ويو

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياري جو پهريون وسڪارو، سيءَ وڌي ويو

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياري جو پهريون وسڪارو پيو، جنهن سبب سيءَ وڌي ويو  ۽ ڪچن گھرن، جھوپڙن ۾ رهندڙ ماڻهن جا اهنج وڌي ويا. ان ڏس ۾ رات دير سان ڪراچي جي علائقن، صدر، برنس روڊ، ايم اي جناح روڊ تي به وسڪارو پيو. ان کانسواءِ ميھڙ شھر ۽ آس پاس جي علائقن ۾ سياري جو پھريون وسڪارو تعلقي جي ننڍن وڏن علائقن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات پئي برسات سبب بجلي جي فراهمي معطل ۽ سردي ۾ اضافو ٿي ويو، هوڏانهن نوشهرو فيروز ضلع جي آس پاس جي مختلف ننڍن وڏن شهرن ۾ سياري پهرئين برسات جو وسڪارو سردي ۾ اضافو ماڻهون گهرن تائين محدود جڏهن ته وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رهيو. شهدادڪوٽ ۾ سياري جي مند جي پهرين برسات جو وسڪاروپوڻ ڪري سيءُ ۾اضافو ٿي ويو آهي ٻئي طرف سيپڪو انتظاميا برسات جي وسڪاري بعد بجلي بند ڪري ڇڏي آهي. لاڙڪاڻي شهر ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات پئي، باقراڻي ڏوڪري ڳيريلو نئون ديرو سميت ٻين ننڍن وڏن شهرن ۾ وسڪارو ٿيو.  ميروخان ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سياري جي مند جو پهريون زبردست وسڪارو پيو ، ان کان سواءِ گاجي کهاوڙ، ڳڙھي حسن، ڪريم بخش کوسو، باھوکوسو،انڙ اسٽيشن دوڙ ۽ ٻين علائقن ۾ برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو. ٿرڙي محبت شھر ۽ آس پاس جي علائقن، ننڍن وڏن ڳوٺن  ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي برسات پئي، جنهن بعد بجلي جي فراهيم معطل رهي. خيرپور ناٿن شاھ ۽ آس پاس واري علائقي ۾ ڪٿي ڪٿي تيز ته ڪٿي ھلڪي ھلڪي برسات پئي.   سيتاروڊ ۾ سياري جو پهريون تيز وسڪارو شروع ٿي ويو آهي۔ برسات سبب ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو آهي۔ جڏهن ته بجلي بند ٻيو مواسلاتي نظام پڻ درهم برهم ٿي ويو آهي۔ ٿڌ سبب ماڻهون گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن۔ برسات سبب هيٺاهين گهرن توڙي منھ ڇپرن تي رهندڙ مسڪين ماڻهون سورن ۾ اچي ويا آهن۔