| سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات، ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا دٻجي فوت |
ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٻئي ڏينهن به برسات، ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙا دٻجي فوت، پنوعاقل ڀرسان لال پير وٽ ڳوٺ اوگان بلو ۾ گل حسن بلو جي گھر جي ڇت ڪرڻ سبب 2 ٻارڙيون ٻن ورهين جي حديبه ۽ 6مهينن جي قزبانو دٻجي فوت ٿي ويون. بدين، ٺٽو، سجاول، عمرڪوٽ، ننگرپارڪر، ڇاڇرو، ڪڍڻ، سيراڻي، لواري شريف، کوسڪي، نندو، ٽالهي، بدين ۾ ھلڪي برسات شروع ٿيندي ئي بجلي بند ٿي وئي،ٽالهي شھر ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن شير پور نصير چانڊيو محمدآباد چڪچار مائي بختاور اوڏ جي ڀڙي شير پور ٽالهي اولڊ سميت ٻين ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات پئي، گڊو، ڍورو نارو، پيارو اسٽيشن، سجاول جوڻيجو، نيوڇور ۽ ٻين علائقن ۾ به برسات جو وسڪارو ٿيو، برسات سبب ، ٿڌ ۾ اضافو ٿي ويو، هيٺاهين وارن علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو، جڏهن ته بجلي جو نظام ڊانواڊول ٿي ويو.