سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ جي موقعي تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل

فيبروري 8, 2024

نگران سرڪار ۽ پي ٽي اي جي خاطرين باوجود سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پولنگ جي موقعي تي موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل ٿي وئي

ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ڪشمور، ماتلي، اوٻاوڙو ۽ مٺي ۾ فون سروس توڙي انرنيٽ سروس بند پيل آهي

گذريل ڏينهن پي ٽي اي پاران خاطري ڪرائي وئي هئي ته پولنگ جي موقعي تي انٽرنيٽ سروس بند نه ڪئي ويندي

مختلف شهرن ۾ پولنگ دوران موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس معطل هجڻ ڪري شهرين کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي

Leave A Comment