سنڌ ۾ برسات، موسم خوشگوار

جُون 26, 2025

ڪراچي ( پنهنجي ڊيسڪ )سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات، موسم خوشگوار بڻجي وئي،سنڌ جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان برسات، موسم خوشگوار بڻجي وئي،

خانپورمهر، اوٻاوڙي  ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جي طوفان کانپوءِ تيز برسات پوڻ ڪري گرميءَ جو زور ٽُٽي ويو، گڊو ۽ ڀرپاسي واري علائقي ۾ مٽيءَ جي طوفان کان پوءِ تيز هوائن سان برسات پئي، رائونتي  ڀرپاسي وارن علائقن ۾ مٽيءَ جو طوفان دادلغاري ۽ ڀرپاسي تيز هوائون سان برسات پوڻ کان پوءِ موسم خوشگوار  ٿي وئي، باھوکوسو، انڙ اسٽيشن، ڳڙھي حسن ،ڪريم بخش کوسو ، دلمراد، مانجھي پور ۽ ٻين علائقن ۾ طوفان سان برسات پئي.

عمرڪوٽ ضلعي جي مختلف شھرن  ۽ ڳوٺن  ۾ سانوڻ جي پھرين  وسڪاري کانپوءِ موسم خوشگوار بڻجي وئي،برسات سبب ماروئڙن جي چھرن تي مرڪون تري آيون،  خوشيءَ جا منظر ڏسڻ ۾ آيا، جڏهن ته  تيز طوفان سبب دڪانن جا ڇپرا، سولر پليٽون ۽ ٻھراڙين ۾ ڪکاون گھرن جون ڇتيون اڏامي ويون.

لاڳاپيل پوسٽون

  • سکر جون 38 عمارتون زبون خطرناڪ قرار

  • جھڏو ۾ نصير ڇنڊڻ جي بحالي لاءِ آپريشن

  • دادو: ڍنڍ پار ڪندي پورهيت ڌيءُ سوڌوٻڏي فوت

  • وفاقي سرڪار پاران کنڊ جي درآمد لاءِ  ٽينڊر جاري