ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سامونڊي طوفان بپر جواءِ پاڪستاني سامونڊي حدن مان نڪري ويو، ڏاکڻي سنڌ ۾ اڄ به وسڪارو ٿيندو
موسميات کاتي موجب اڄ به ٿر عمرڪوٽ ۽ بدين ۾ وسڪاري جو امڪان آهي، گذريل ٻن ڏينهن دوران ننگرپارڪر ۾ 269 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ٿي
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته طوفان گذري وڃڻ بعد ھاڻي اڄ کان بلوچستان جا مهاڻا سمنڊ ۾ وڃي سگھن ٿا جڏهن ته سنڌ جا مهاڻا سڀاڻي کان سمنڊ ۾ وڃي سگھن ٿا