سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخل پرڏيهي شاگردن جون درخواستون رد: هاءِ ڪورٽ  جو فيصلو برقرار

سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ داخل پرڏيهي شاگردن جون درخواستون رد: هاءِ ڪورٽ  جو فيصلو برقرار

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي آئيني عدالت سنڌ جي ميڊيڪل ڪاليجن ۾ پرڏيهي ڪوٽا تحت داخلا وٺندڙ شاگردن جون درخواستون رد ڪندي هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکي ڇڏيو. چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ ٽه رڪني آئيني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي۔ شاگردن جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته شاگردن کي پاڻ يونيورسٽي اوورسيز ڪوٽا ۾ داخلا ڏني هئي۔ شاگردن جي سموري تعليم پاڪستان مان هئي۔ پي ايم ڊي سي شاگردن کي شوڪاز نوٽيس ڏيڻ بدران نوٽيس جاري ڪيا۔ يونيورسٽين زبردستي شاگردن کي پرڏيهي ڪوٽا ۾ شامل ڪيو۔ پي ايم ڊي سي جي وڪيل ٻڌايو ته غلط ڪوٽا تي داخلا ۾ شاگرد ۽ ڪاليج ٻئي شامل آهن۔ شاگردن جي وڪيل چيو ته يونيورسٽي جي غلطي جي سزا شاگردن کي نٿي ڏئي سگهجي۔ شاگردن کي ٻين يونيورسٽين ۾ ايڊجسٽ ڪري سگهجي ٿو. پي ايم ڊي سي جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته شاگردن پاڻ اوورسيز ڪوٽا تحت داخلا لاءِ درخواست ڏني هئي۔ عدالت دليل ٻڌڻ کان پوءِ هاءِ ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکندي شاگردن جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.