Home » سنڌ جي مڌر ٽريسا – بيبي باگڙي تعليمي ميدان ۾ نئين تاريخ جوڙي ڇڏي
سنڌ جي مڌر ٽريسا – بيبي باگڙي تعليمي ميدان ۾ نئين تاريخ جوڙي ڇڏي
جُون 2, 2023
ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) نفرت، اڻسهپ، اڻبرابري کي مات، بيبي باگڙي جي جدوجهد تاريخ رقم ڪري ڇڏي، فلاحي بنيادن تي اسڪول هلائيندڙ بيبي باگڙي جي تعليمي اداري 8 سال مڪمل ڪري ورتا آهن
هن نياڻيءَ جي ڪوششن ۽ جدوجهد سان انهي اسڪول مان پهريون ڀيرو 50 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي بينچ 8 درجا پاس ڪري ورتا آهن ۽ پنهنجي بهتر مستقبل لاءِ اڳين منزل ڏانهن وک رکي اٿئون
بيبي باگڙي جڏهن اسڪول قائم ڪيو هو ته کيس اڻبرابري، اڻسهپ ۽ عورت هجڻ ڪري ڪيئي چينجلز پيش آيا، اڪثر بيبي باگڙي ماڻهن جي روين سبب ڏکاري به ٿيندي رهي پر هن پنهنجو مشن جاري رکيو
جتي مهانگائي جي دور ۾ عام ماڻهو جو جيئڻ مشڪل ٿي ويو هجي اُتي هڪ نياڻيءَ پاران اسڪول قائم ڪرڻ ۽ انهي ”اسڪول سنت هيرا لال ڪميونٽي“ ۾ ٻارڙن کي مفت تعليم، مفت ڪتاب ۽ يونيفارم سان گڏ ٻيون سهولتون ملڻ ٻارڙن جي خوشنصيبي آهي
اسڪول جي پرنسپال بيبي باگڙي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي محسوس ٿئي ته اسان جي فلاحي تعليمي اداري سنت ھيرا لال ڪميونٽي اسڪول قمبر جا پھريان 8 سال مڪمل ٿي چڪا آهن
هن چيو ته اسان جو اسڪول مڊل ليول اٺين ڪلاس تائين رجسٽرڊ آهي ۽ اٺين درجي تائين شاگردن ۽ شاگردياڻين کي تعليم ڏئي سگهون ٿا، ان طرح سان پھريون ڀيرو اسان جي اسڪول مان اٺون درجو پاس ڪندڙ 50 کان وڌيڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ھڪ پروقار الوداعي تقريب ۾ سرٽيفڪيٽ ورهايا ويندا
هن ٻڌايو ته اسان جو ارادو ھيو ته ھن ئي اسڪول کي سيڪنڊري سطح تي رجسٽرڊ ڪرائي ھتي ئي پنھنجي غريب باگڙي برادري جي شاگردن کي ميٽرڪ جي تعليم به ڏياربي پر فنڊز جي کوٽ ۽ مالي مشڪلاتن سبب في الحال ڪجھه وقت لاءِ اھو ارادو ملتوي ڪيو آهي، ايندڙ ڪجھه وقت ۾ مالي مشڪلاتون ختم ڪري وري به پنھنجي ارادن کي سرانجام ڏبو
بيبي باگڙي چيو ته ھن وقت اسان اھو به ڏِسڻ چاھينداسين ته اسان جا شاگرد جڏھن سرڪاري ھاءِ اسڪول جي گڏيل ماحول ۾ داخلا وٺندا ته انهن سان ڪھڙا رويا رکيا ٿا وڃن، اسان کي اميد آهي ته ھن دور ۾ اسان جي باگڙي برادري جي شاگردياڻين ۽ شاگردن کي سرڪاري اسڪولن ۾ بھتر رويا ملندا.
واضح رهي ته بيبي باگڙي قمبر شهر ۾ پنهنجي ڪميونٽي جي ٻارن لاءِ نه رڳو اسڪول هلائي رهي آهي پر عورتن لاءِ ووڪيشنل سينٽر پڻ هلائي رهي آهي