| سنڌ جي مڪاني ادارن کي اوزيڊ ٽي شيئر جا سوا 4 ارب جاري |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ناڻي کاتي پرڳڻي جي ميونسپل ڪارپوريشنن، 45 ٽي ايم سيز ۽ ميونسپل توڙي ٽائون ڪاميٽين کي او زيڊ ٽي شيئر جي مد ۾ 4232 ملين رپيا جاري ڪري ڇڏيا، ان ڏس ۾ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن کي 192.386 ملين، ميونسپل ڪاميٽي ڪوٽڙي کي 33.857 ملين، ميونسپل ڪاميتي سيوهڻ کي 39.651 ۽ ٽائون ڪاميٽي ڄامشوري کي 15.923 ملين، ميونسپل ڪاميٽي ٿاڻو بولا خان کي 10.013 ملين ۽ خيرپورناٿن شاھ کي 28.51 ملين جاري ڪيا ويا آهن.