سنڌ جي مڪاني ادارن ۾عارضي ڀرتين، بنا ٽينڊر اين آءِ ٽيز ۽ ڪوٽيشنز تي بندش: بجيٽ بوڪ رکڻ جو حڪم
ڊسمبر 10, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي لوڪل ڪائونسلن ( مڪاني ادارن ) کي ساليانو جاري ٿيندڙ هڪ کرب 60 ارب رپين جي بجيٽ جا 50 سيڪڙو فنڊ به درست استعمال نه ٿيڻ جو انڪشاف، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي مڪاني ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاري ڇڏيا، بجيٽ جي استعمال جا تفصيل طلب ڪالهه پي اي سي اجلاس ۾ حيدرآباد ضلعي ڪائونسل ۽ ٽائون ڪاميٽين جي 2018ع کان 2020ع تائين آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پي اي سي اختيارين سنڌ جي ميٽروپوليٽين ڪارپوريشن، ميونسپل ڪارپوريشنن، ميونسپل ۽ ٽائون ڪاميٽين ۽ يوسيز کي ٽينڊرن کانسواءِ ڪوٽيشن ڪرڻ ۽ اشتهار بنا اين آءِ ٽي کان روڪي ڇڏيو، اجلاس ۾ سڀني مڪاني ادارن کي بجيٽ بوڪ ٺاهڻ ۽ ڊيلي ويجز ملازمن جون ڀرتيون سليڪشن ڪاميٽيءَ بنا نه ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون ويون. پي اي سي اجلاس ۾ ڀٽ شاهه ٽائون ڪاميٽي پاران 95 هزارن ۾ في سلائي مشين ۽ في هينڊ پمپ 95 هزارن ۾خريد ڪرڻ جو انڪشاف سامهون آيو، جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو ڀٽ شاهه جي ٽائون آفيسر محسن شاهه کان پڇاڻو ڪيو ته اِهي ڪهڙيون سلائي مشينون ۽ نلڪا آهن، جيڪي 95 هزار رپين ۾ خريد ڪيا ويا آهن؟ پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو 13 لک رپين مان في سلائي مشين 95 هزار ۽ في نلڪو 95 هزار رپين ۾ خريد ڪرڻ واري معاملي جي جاچ جو حڪم ڏيندي ڀٽ شاهه ٽائون جي تڏهوڪي ٽائون آفيسر کي معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو. پي اي سي چيئرمين چيو ته ڀٽ شاهه جو تڏهوڪو ٽائون آفيسر هينئر جتي به مقرر آهي، کيس اتان هٽائي معطل ڪيو وڃي، پي اي سي ڀٽ شاهه ٽائون ڪاميٽي طرفان ٺيڪيدارن کان وصول ڪيل سيلز ٽيڪس جا 45 لک رپيا سنڌ حڪومت جي خزاني ۾ جمع نه ڪرائڻ تان اڪائونٽس آفيسر کي پڻ معطل ڪري ڇڏيو. اجلاس کي خطاب ڪندي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو چيو ته سنڌ حڪومت هر سال مڪاني ادارن کي هڪ کرب 60 ارب رپين جي فنڊنگ ڪري رهي آهي، ايتري بجيٽ هوندي ترقي نظر نه پئي اچي. هن وڌيڪ چيو ته هڪ کرب 60 ارب رپين جي بجيٽ مان 50 سيڪڙو رقم ملازمن جي پگهارن تي خرچ ٿيڻ کانپوءِ به باقي بچيل 50 سيڪڙو رقم مان ترقي ٿيڻ گهرجي، هن چيو ته کاتن ۾ عوام جي ٽيڪس جي پئسن ۾ خردبرد ۽ بي ضابطگين کي برداشت نه ڪيو ويندو، جنهن جنهن کاتي ۾ بي ضابطگيون هونديون، پي اي سي ايڪشن کڻندي، نثار کهڙو چيو ته جيڪو کاتو آڊٽ رڪارڊ فراهم نه ڪندو، ان کاتي جي ذميوار آفيسر جي خلاف ايڪشن ورتو ويندو. هوڏانهن ڀٽ شاهه واري عيوضي موجب 2018ع ۾ محمد علي نندواڻي ۽ نور علي انڙ ٽائون آفيسر رهيا هئا، رابطي تي نور علي انڙ ٻڌايو ته هو اڄ پي اي سي آفيس پهچي پنهنجي دور جو ريڪارڊ پيش ڪندو، هن چيو ته موجوده ٽائون آفيسر محسن شاهه پاران صحيح ريڪارڊ پيش نه ڪرڻ سبب غلط فهيون ٿيون آهن.
پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي پاران 9 ڪروڙ وصولين جي دعويٰ
ڪراچي: پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي ٻن مهينن دوران سنڌ جي مختلف سرڪاري کاتن کان 9 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ وصوليون ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو جو چوڻ هو ته پي اي سي ٻن مهينن دوران مختلف سرڪاري کاتن کان 9 ڪروڙ رپين جي رقم واپس ڪرائي آهي. پي اي سي چيئرمين آڊيٽر جنرل کي هدايت ڪئي آهي ته جن کاتن کان وصولي ٿي آهي، انهن کاتن توڙي ذميوارن جي نالن سميت رقم جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.
“مال مفت …” : ڀٽ شاهه ۾ قبرستان جي ڀت تي 29 لک خرچ!!
ڪراچي: ڀٽ شاهه ٽائون اختيارين جا سرڪاري ناڻي سان ڪلُور، قبرستان جي هڪ ڀت جي تعمير لاءِ 95 هزار جون ڪيتريون ئي ڪوٽيشنز ڀري 29 لک رپيا خرچ ڪيا ويا! پي اي سي چيئرمين مڪاني کاتي جي ايڊيشنل چيف سيڪريٽري خالد حيدرشاھه کي معاملي جي جاچ ڪري تفصيلي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.