سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڀرتين جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

سنڌ جي مڪاني ادارن ۾ ڪرپشن ۽ غيرقانوني ڀرتين جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحي ڪميٽي قائم

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار مڪاني ادارن ۾ مالي بي ضابطگين، فنڊن جي غلط استعمال ۽ غيرقانوني ڀرتين واري شڪايتن تي اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪري ڇڏي، وڏي وزير سيد مراد علي شاھ جي هدايتن تي چيف سيڪريٽري پاران  لوڪل ڪائونسلن ۾ مالي ۽ انتظامي مڪاني وزير ناصر شاھ جي سربراهي ۾ جڙيل 5 رُڪني ڪاميٽي ۾ مڪاني سيڪريٽري ۽ سي ايم انسپيڪشن ٽيم جي چيئرمين کي به شامل ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب  ڪاميٽي پاران لوڪل ڪائونسلن ۾ غيرقانوني ڀرتين، فنڊن جي غلط استعمال سميت يوسي سطح تي سروسز جي فراهمي وارن معاملن جو جائزو ورتو ويندو، جڏهن ته لوڪل ڪائونسلن جي آمدني، خرچ، ٻي ضابطگين واري شڪايتن جو جائزو ورتو ويندو. ان حوالي سان وڏي وزير سيد مراد علي شاھ پاران قائم ڪيل اعلي سطحي ڪاميٽي کي لوڪل ڪائونسلن جي سمورن معاملن جو جائزو وٺي 3 مهينن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.