سنڌ جي مڪاني کاتي ڪميشن پاس ميونسپل آفيسرن سميت ملازمن کان انٽرويو وٺڻ جو فيصلو: 3 پينل جوڙي ڇڏيا

آگسٽ 9, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني کاتي ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي 16هين ۽ 17هين گريڊ ۾ ڀرتي ٿيندڙ آفيسر اميدوارن کان مڪاني کاتي  پاران به انٽريو وٺڻ جو فيصلو ڪندي 3 پينل جوڙيا ويا آهن

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته مڪاني ادارن واري کاتي ۾ 17هين گريڊ جي ميونسپل آفيسر، 16هين گريڊ جي اسسٽنٽ اڪائونٽس آفيسر ۽ 16هين گريڊ جي ٽائون آفيسر جي عهدن تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ڀرتين واري عمل ۾ کاتي پاران پنهنجن آفيسرن ذريعي انٽرويو ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي

انٽرويو وٺڻ لاءِ کاتي جي سينيئر آفيسرن جون ڪاميٽيون ٺاهي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي آگاهي ڏني وئي آهي

 17هين گريڊ جي ميونسپل آفيسرن جي اميدوارن کان انٽريو لاءِ مڪاني ادارن واري اسپيشل سيڪريٽري محمد عثمان معظم، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي ياسين شر ۽ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي زبير پرويز، 16هين گريڊ جي اسسٽنٽس اڪائونٽ آفيسرن کان انٽرويو لاءِ لوڪل فنڊ آڊٽ جي ڊائريڪٽر وحيد شيخ، ريجنل ڊائريڪٽر ڪراچي رمضان پٺاڻ ۽ ڪي ايم سي جي فنانشل ايڊوائيزر مرتضيٰ ڀٽو  ۽ 16هين گريڊ جي ٽائون آفيسرن لاءِ لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي جي ڊي جي زبير پرويز، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي ياسين شر ۽ مڪاني کاتي ميرپورخاص جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر شهاب الدين ميمڻ تي ٻڌل 3رڪني پينل جوڙيا ويا آهن

 ان سلسلي ۾ مڪاني کاتي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽنهي پوسٽن لاءِ پبلڪ سروس ڪميشن جو لکت وارو امتحان پاس ڪندڙ اميدوارن کان انٽرويو وٺڻ ۾ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ مڪاني ادارن جي3  پينلز جو گڏيل ڪردار هوندو

اسٽينو سوڌو 4 ڪامورا گاڏيون موٽائڻ کان انڪاري

پ پ ايم پي اي جي ويجھي مائٽ سميت 3 ڪامورن ۽ هڪ اسٽينوگرافر پاران سرڪار گاڏيون واپس ڪرڻ کان انڪار، لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ڪاروائي بجاءِ کين گاڏيون واپس ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکي ڇڏيو

 ان حوالي سان ڪالهه لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ضمير عباسي پ پ ايم پي اي حزب الله ٻگھيو جي ويجهي مائٽ ۽ مڪاني کاتي ٺٽي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر طارق ٻگھيو، سکر ضلعي ڪائونسل جي انجنيئر ذوالفقار جتوئي، ميرپورخاص جي ڊپٽي ڊائريڪٽر وهاب عباسي ۽ ڊي ايم سي سائوٿ جي اسٽينو گرافر سيد فرحان کي خط لکي هڪ ڀيرو ٻيهر هدايت ڪئي آهي ته سرڪاري گاڏيون بِنا دير واپس ڪيون وڃن

واضح رهي ته انهي کان اڳ به ساڳئي سيڪريٽري پاران ڄاڻايل آفيسرن کي خط لکي گاڏيون واپس نه ڪرڻ جي صورت ۾ سندن خلاف ڪاروائي لاءِ وارننگ جاري ڪئي وئي هئي

يوسي سيڪريٽرين جا انٽرويو: آفيس اميدوارن سان ڀرجي وئي: کليل ميدان ۾ انٽرويو وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي: يوسي سيڪريٽرين جي انٽرويو لاءِ سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ واقع لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي آفيس ۾ گنجائش کان وڌيڪ اميدوار پهچڻ بعد  انٽرويو جو هنڌ تبديل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو

 ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  سنڌ ۾ يوسي سيڪريٽري طور ڀرتي لاءِ ڪالهه مختلف ضلعن مان وڏي انگ ۾ اميدوار انٽرويو لاءِ پهتا، آفيس ۾ گنجائش کان وڌيڪ اميدوار پهچڻ ڪري ڪيترا اميدوار انٽرويو کان رهجي ويا

 اختيارين موجب رهجي ويل اميدوارن جا انٽرويو  لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ون جي آفيس بجاءِ کُليل ميدان ۾ ڪيا ويندا. جنهن بابت اميدوارن کي اڳواٽ آگاهه ڪيو ويندو

Leave A Comment