سنڌ جي نگران سرڪار پنجن ئي تعليمي بورڊز جا سربراهه فارغ ڪري ڇڏيا

آڪٽوبر 25, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار عدالتي فيصلي جي روشني ۾ صوبي جي 5 تعليمي بورڊز جي سربراهن کي فارغ ڪري ڇڏيو

 انٽرميڊيئٽ بورڊ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، ميرپورخاص ۽ لاڙڪاڻو تعليمي بورڊ جي چيئرمين کي آفيس وڃڻ کان روڪيو ويو

ان حوالي سان سيڪريٽري بورڊز اينڊ يونيورسٽيز عدالتي حڪم تي عملدرآمد لاءِ واڳيل عملدارن ڏانهن خط لکي ڇڏيو آهي

ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ هاءِ ڪورٽ سرچ ڪميٽي جي منظوري کانسواءِ تعليمي بورڊز جي چيئرمين جي مقرري کي غير قانوني قرار ڏيندي مقرري وارو نوٽيفڪيشن معطل ڪيو هو

Leave A Comment