سنڌ جي نگران وزيراعليٰ لاءِ اتفاق نه ٿيو ته پوءِ ڇا ٿيندو ؟ وڏي وزير ۽ اپوزيشن ليڊر ۾ اڄ فيصلائتي ملاقات

آگسٽ 14, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ) سنڌ جو نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻ بابت وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ اپوزيشن ليڊر رعنا انصار ۾ اڄ فيصلائتي ملاقات ٿيندي

گذرين ٻن ملاقاتن دوران نالي تي اتفاق نه ٿي سگهيو هو، ٻنهي پاسي کان دعويٰ ڪئي وئي ته 12 کان 13 نالن تي غور ڪيو پيو وڃي، پر ٻنهي ڌرين پاران ڪو به نالو سامهون ناهي آندو ويو

اپوزيشن ليڊر رعنا انصاري چيو آهي ته ڪوشش هوندي اڄ هڪ نالي تي اتفاق ٿي وڃي، جيڪڏهن فيصلو نه ٿي سگهيو ته معاملو پارلياماني ڪاميٽي ڏانهن هليو ويندو

صوبائي وزير ناصر شاهه پاران به اڄ نگران وڏي وزير جي نالي تي اتفاق ٿيڻ جي اُميد ظاهر ڪئي وئي هئي

سنڌ اسيمبلي جمعي واري ڏينهن ٽوڙي وئي هئي جنهن کانپوءِ نگران وڏي وزير جي نالي تي مشاورت جو اڄ آخري ڏينهن آهي اتفاق راءِ نه ٿيڻ تي اسپيڪر سنڌ اسيمبلي 6 رڪني پارلياماني ڪاميٽي جوڙيندو

ڪاميٽي حڪومت ۽ اپوزيشن جي نمائندن تي مشتمل هوندي جيڪا 3 ڏينهن ۾ فيصلو ڪرڻ جي پابند هوندي

پارلياماني ڪاميٽي نگران وزيراعليٰ تي متفق نه ٿي ته فيصلو اليڪشن ڪميشن پاران ڪيو ويندو، اليڪشن ڪميشن کي 2 ڏينهن ۾ نگران وڏو وزير مقرر ڪرڻو پوندو

Leave A Comment