سنڌ جي نگران وڏي وزير لاءِ ممتاز شاهه ۽ چيف سيڪريٽري لاءِ عثمان چاچڙ فائنل

جُولاءِ 12, 2023

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي نگران وزيراعليٰ لاءِ ممتاز شاهه ۽  چيف سيڪريٽري لاءِ عثمان چاچڙ  جا نالا فائنل ٿي ويا آهن

سنڌ سرڪار جي ذريعن کان پتو پيو آهي ته نگران سيٽ اپ ۾ اڳوڻو چيف سيڪريٽري ممتاز شاھه نگران وڏي وزير جو مضبوط اميدوار آھي، فائنل  فيصلو اپوزيشن ليڊر جي مشوري سان ڪيو ويندو

ٻئي طرف سنڌ  نئين چيف سيڪريٽري لاءِ عثمان چاچڙ جو نالو فائنل ڪيو ويو آھي جنهن جي باضابطا مقرري جلد ئي ڪرڻ جو امڪان آهن