سنڌ جي نگران حڪومت پاران ڌاڙيلن ۽ اسٽريٽ ڪرمنلز کي چٿڻ جو حڪم

آگسٽ 22, 2023

ڪراچي (رپورٽ: فقيرسليم)  سنڌ ڪابينا  ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم ۽ ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ سخت قدم کڻڻ جو حڪم، 88ارب 59 ڪرُڙ رپين جي ماليت جي 1939 نئين  رٿائن ، گاڏين ۽ فرنيچر جي خريداري روڪڻ جي هدايت، رڳو هلندڙ  ۽ عالمي فنڊنگ وارين رٿائن کي مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي

وزيراعليٰ هائوس ۾ صوبائي ڪابينا جي پهرين اجلاس  جي شروعات ۾ نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر چيو ته ڪابينا جي تعارفي اجلاس ۾ گڊ گورننس ( بهتر حڪمراني)، عوام جي خدمت ۽ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو ڪم سرانجام ڏيڻ ۾ سهڪار وارن ايجنڊائن کي ترتيب ڏنو ويو

ھن  چيو ته برساتي ٻوڏ کانپوءِ صوبي ۾ غربت وڌي وئي آهي، هن وقت غربت جي خاتمي لاءِ جوڳا قدم کڻڻ جي سخت ضرورت آهي،  نگران حڪومت غير سياسي آهي،  اها سماجي، سياسي سڃاڻپ يا وابستگي کانسواءِ هر هڪ لاءِ آهي، اسان ٻين تي الزام هڻڻ لاءِ نه آيا آهيون پر عوام جي خدمت ڪندي گورننس کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪنداسين، عام چونڊن لاءِ  اليڪشن ڪميشن جي مدد ڪنداسين

جسٽس باقر جو چوڻ هو ته صوبي ۾ بين المذاهب هم آهنگي کي هٿي وٺرائڻ جي ضرورت آهي، ملڪ ۾ مختلف عقيدن جا ماڻهو گڏجي رهن ٿا پر رياست مخالف ٽولا مذهبي نفرتون پکيڙي امن کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن،  اسان کي گهرجي ته مذهبي نفرتن کي روڪجي

 اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڌاڙيلن جو زور وڌي ويو آهي، جنهن تي ڪابينا ڌاڙيلن خلاف آپريشن تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

 اجلاس ۾ گهرو وزير کي هدايت ڪئي وئي ته هو پوليس ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي صلاح مشوري سان  پلان تيار ڪري ته جيئن ڌاڙيلن خلاف ڪوآرڊينيٽڊ آپريشن شروع ڪيو وڃي، ساڳئي وقت ڪراچي ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو آندو وڃي

ڪابينا ميمبرن نشاندهي ڪئي ته ڪراچي شهر ۾ جاري ترقياتي ڪمن سبب ڪم جي وقت ۾ ٽريفڪ جام جا مسئلا وڌي ويندا آهن، اجلاس  ۾ ٽريفڪ پوليس کي هدايت ڪئي وئي ته اها ٽريفڪ جي رواني کي بهتر ڪري

 اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته پرڳڻي ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن تي ڪم جي رفتار کي تيز ڪيو وڃي، جڏهن ته  پرڏيهي امداد سان هلندڙ منصوبن کي وقت تي مڪمل ڪيو وڃي

اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پرڳڻي جي ڏورانهن علائقن جا ماڻهو ڪراچي ۽ لاڳاپيل ضلعن ۾ سرڪاري آفيسن ۾ وڃي رهيا آهن، جتي سندن مسئلا حل نه ٿي رهيا آهن

وڏي وزير سمورن وزيرن خاص طور تي روينيو، مڪاني ادارن ، پوليس ۽ صحت کاتن کي پنهنجي لاڳاپيل آفيسرن کي فعال ڪرڻ ۽ عوام جي خدمت ڪرڻ جي هدايت ڪئي

ڪابينا انهي ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سنڌ گذريل ٻن سالن کان پوليو کان پاڪ آهي پر مختلف علائقن مان مثبت ماحولياتي نمونا مليا آهن

 اجلاس ۾ وزير صحت تي زور ڀريو ويو ته صوبي کي پوليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ضروري قدم کنيا وڃن، وڏي وزير سمورن نگران وزيرن کي هدايت ڪئي ته اهي پنهنجن لاڳاپيل کاتن جون پريزنٽيشنون تيار ڪن ته جيئن عوامي مفاد جا فيصلا ڪري سگهجن

 هن وزير ن کي هدايت ڪئي ته اهي سياسي دٻاءُ  ۾ اچڻ بجاءِ عوام جي خدمت ڪن

Leave A Comment