سنڌ جي نگران ڪابينا پاران ڪمند جي سرڪاري اگھن ۾ ڦيرڦار ڪرڻ جو امڪان

آڪٽوبر 30, 2023

سنڌ جي نگران ڪابينا پاران ڪمند جي سرڪاري اگھن ۾ ڦيرڦار جا امڪان، اڳوڻي چونڊيل حڪومت پاران هلندڙ سال ڪمند جو سرڪاري اگھه 425 روپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو هو

ذريعن موجب چونڊيل حڪومت جي ڪابينا پاران منظوري ڏيڻ باوجود نگران سرڪار ڪمند جي اگھن ۾ ڦيرڦار جو فيصلو ڪيو آهي، سڀاڻي سنڌ جي نگران ڪابينا پاران ڪمند جي مقرر اگھه ۾ گھٽتائي جا امڪان آهن

ايوان زراعت سنڌ پاران ڪمند جي اگھن واري ايجنڊا ڪابينا ۾ شامل ڪرڻ واري معاملي جي مخالفت، ايوان زراعت سنڌ جي اڳواڻ زاهد ڀرڳڙي چيو آهي ته موجوده نگران سرڪار رڳو اليڪشن ڪرائي سگھي ٿي، ڪمند جو مقرر اگھه تبديل ڪيو ويو ته قبول نه ڪنداسين

Leave A Comment