| سنڌ جي هائير سيڪنڊري اسڪولن مان 725 انٽرنيز سبجيڪٽ اسپيشلسٽ گهر ڀيڙا: مظاهرا |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) سبجيڪٽ اسپيشلسٽ انٽرنيز آرگنائزنگ ڪاميٽي پڪو ڪرڻ لاءِ پريس ڪلب ٻاهران مظاهرو ڪيو، جنهن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته سنڌ جي هائر سيڪنڊري اسڪولن ۾سبجيڪٽ اسپيشلسٽن جون 795 سيٽون خالي هوندي تعليم کاتي 725 انٽرنيز سبجيڪٽ اسپيشلسٽن کي ليٽر جاري ڪري کين بيروزگار ڪري ڇڏيو، هنن چيو ته انٽرنيز استاد ٻن سالن تائين ڏورانهن علائقن جي اسڪولن ۾ پڙهائڻ جون ذميواريون نڀايون، امتحانن دوران ايڪسٽرنل ۽ ٻيون تعليمي ذميواريون به سرانجام ڏنيون. هنن وزيراعليٰ سنڌ ۽ تعليم واري وزير کان مطالبو ڪيو ته 725 انٽرنيز استادن ۽ سندن خاندانن کي بيروزگاريءَ کان بچايو وڃي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا منظور نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.