خبریں آپ کے لئے!

چاہتے ہیں جدید معلومات؟

ہمارا مقصد آپ کو تازہ ترین خبریں اور معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ کو اہم موضوعات پر جامع تجزیات اور بصیرت ملیں گے۔ آئے، اور اپنی معلومات کو بڑھائیں، ہم ہمیشہ آپ کی خدمت میں ہیں۔

مضامین کی فہرست

ہمارا مقصد آپ کو diverse موضوعات پر قیمتی معلومات فراہم کرنا ہے۔ یہاں آپ مختلف اہم موضوعات پر لکھے گئے مضامین کو تلاش کر سکتے ہیں، جو کہ آپ کی معلومات میں اضافہ کریں گے۔

اہم موضوعات

یہاں آپ کو اہم خبروں اور تجزیوں کا مجموعہ ملے گا، جو آپ کی روزمرہ کی زندگی اور معلوماتی ضروریات کے لئے مفید ہوگا۔ ہماری تمام تحریریں سادہ اور آسان زبان میں پیش کی گئی ہیں۔

ہماری تازہ ترین معلومات کے لئے سبسکرائب کریں

ہماری ویب سائٹ پر آپ کو تازہ ترین خبریں اور دلچسپ مضامین ملیں گے۔ ہمیں یقین ہے کہ آپ کو ہماری معلومات فائدہ مند لگیں گی۔ اس لئے، براہ کرم سبسکرائب کریں تاکہ آپ ہماری تازہ ترین اپ ڈیٹس سے باخبر رہ سکیں۔

ہمارے قارئین

عمومی سوالات

آپ کے عمومی سوالات کے جوابات یہاں موجود ہیں۔
کیا میں ویب سائٹ پر مواد شائع کرسکتا ہوں؟

ہماری ویب سائٹ پر موجود معلومات آپ کے علم میں اضافہ کرنے کے لئے اہم ہیں۔ ہم ہر سوال کا جواب دینے کی کوشش کر رہے ہیں۔ اگر آپ کو مزید مدد کی ضرورت ہو تو بلا جھجھک ہم سے رابطہ کریں۔

سوالات کے جواب آپ کی رہنمائی کے لئے مختص ہیں۔ ہماری کوشش ہے کہ آپ کو جلدی اور صحیح جواب فراہم کریں تاکہ آپ کے خدشات دور ہو سکیں۔

ہمارا ہدف اپنے قارئین کو معلومات فراہم کرنا اور ان کی تشفی کرنا ہے۔ اگر کوئی سوال یا تجویز ہو تو آپ ہمیں بتا سکتے ہیں۔

ہمیں امید ہے کہ آپ کو یہاں دستیاب معلومات مفید لگیں گی۔ آپ کی رائے اہم ہے اور ہم اسے خوش دلی سے قبول کریں گے۔

اگر آپ کو مزید وضاحت یا معلومات چاہیے تو ہمارے مضامین کو دیکھیں۔ ہم مفید اور واضح معلومات فراہم کرنے کا عزم رکھتے ہیں۔

آپ کی خبریں کہاں سے لیکر آتی ہیں؟

ہماری ویب سائٹ پر آپ کے سوالات کے جوابات دینے کے لئے ایک پریس سیکشن بھی ہے جہاں آپ اپنے سوالات پیش کرسکتے ہیں۔

اگر آپ کو مزید سوالات ہیں تو آپ ہمارے روابط سے ہم سے رابطہ کرسکتے ہیں۔ ہم آپ کی خدمت میں ہازر ہیں۔

ہماری معلومات ہمیشہ موجود رہیں گی۔ برائے مہربانی بار بار وزٹ کریں اور نئے سوالات بھیجیں!

ہم آپ کے سوالات کا خیر مقدم کرتے ہیں۔ آپ کی تشویشات اور مشورے ہماری رہنمائی کریں گے۔

مزید معلومات اور سوالات کے لئے ہمیشہ ہماری مدد لائین تک رسائی حاصل کریں۔ ہم آپ کی مدد کے لئے حاضر ہیں۔

سنڌ جي وارثيءَ ۽ آجپي جي تڙپ پيدا ڪندڙ سائين جي ايم سيد ….. سراج ڪلھوڙو

                 ڪنھن کي به اھو نه وسارڻ گهرجي ته 1843ع ۾  انگريزن سنڌ  ملڪ تي قبضو ڪري ان کي اڳ قبضي ڪيل دھلي سلطنت جي ھڪ ننڍڙي ٽڪر ممبئي جو حصو بڻائي ھڪ ڪمشنريء جي حيثيت ڏئي ڇڏي ھئي ۽ ان صورتحال ۾ سنڌ نوي سالن جو سفر ڪندي پھريون ڀيرو جھڙوڪ قومي بنيادن تي 1936ع ۾ ھڪ جدا سڃاڻپ حاصل ڪرڻ ورتي.

                 ميرن جنھن نموني سنڌ جون واڳون سنڀاليون ۽ بعد ۾ جيڪو حڪومتي وھنوار جو ڍنگ رکيو، تنھن بنياد تي، آريسر صاحب جي بقول ته، ميرن جي دور ۾ به سنڌ جو عام ماڻھو انگريزن ۽ ميرن جي ٽاڪري جي معاملي ۾ جھڙوڪ لاتعلق رھيو ۽ وري جو نوي سال ٻيا گذري ويا ته سنڌي ماڻھن کان پنھنجي عليحده قومي تشخص واري ڄڻ ته سرت ئي ڇڏائجي ويئي ھئي. ان قومي سرت جي پھرين چڻنگ 1936ع ۾ ڀڙڪو کائي سنڌ جو عليحده قومي وجود ثابت ڪرايو. بعد ۾ 1943ع جي سنڌ اسيمبليءَ جي قرارداد موجب سنڌ پنھنجي عليحده وجود ۽ آزاد وطن لاءِ دانشمنديء سان بنياد رکڻ جي ڪوشش ڪئي.

ڇاڪاڻ تہ ان دور ۾ برصغير جي ھڪ وڏي جماعت ڪانگريس گڏيل ھندستان جي حامي ھئي ۽ ڪجھ سال اڳ جڏھن سنڌ جي بمبئيءَ کان عليحدگيءَ جي چرپر ٿي ھئي، ته شروعات ۾ ته ڪنھن حد تائين ڪانگريس ان عمل جي حمايت ڪندي نظر آئي ھئي پر ستت ئي سنڌ جي عليحده قومي تشخص واري ان جدوجھد مان پاڻ کي ٻاھر ڪڍي وئي. جڏھن ته مسلم ليگ سنڌ جي ان مطالبي جو ساٿ ڏنو ۽ وري جو مسلم ليگ 1940ع ۾ قرارداد لاھور ذريعي مسلم اڪثريتي علائقن تي مشتمل آزاد ۽ خود رياستن جو ٺھراء پاس ڪرايو ته سنڌ کي ھڪ اميد جاڳي ۽ ان کي موقعہ غنيمت سمجهي ڪانگريس جي مقابلي ۾ ليگ جو ساٿ ڏئي سنڌ اسيمبلي منجهان آزاد ۽ خودمختيار رياستن تي مشتمل ملڪ جي قيام لاءِ ٺھراء پڻ پاس ڪرائي ورتو. يقيني طور ان جي پس منظر ۾ سوويت يونين توڙي يوگوسلاويا جي قيام جو پس منظر پڻ ذھن ۾ رکي اھڙو ٺھراءُ پاس ڪرايو ويو ھوندو.

پر افسوس جو مختلف اٽڪلن جي بنياد تي سنڌ جي شعور کي منتشر ڪري لکنوي ۽ دھلوي داداگيرن سان گڏ لاھورين سنڌ تي حملو ڪيو،  جيتوڻيڪ اھو ماضيءَ جي حملن جيان لشڪر ڪشي ڪرڻ واري انداز ۾ نه ھو. ان حملي جو انداز سياسي چالبازين،  مڪاري ۽ منافقيء واري شاطرانہ حڪمت عملين وارو ھو، جڏھن ته سنڌ 1936ع کان پوءِ پھريون ڀيرو جديد سياست جي  دور ۾ داخل ٿي ھئي. ۽ ستيتاليھن واري مختصر پارلياماني سياست واري تجربي ۾ نسل در نسل سازشون ڪندڙن جو مقابلو نه ڪري سگهي ۽ سنڌ محڪوميء جي ھڪ نئين دور ۾ داخل ٿي وئي. ۽ اھو محڪوميء جو اھڙو بڇڙو دور ثابت ٿيو، جو مذھبي جبو پھريل ھجڻ سبب سنڌ جو ماڻھو ان کي محڪومي سمجهڻ لاءِ تيار ئي نه پيو ٿئي. انگريزن جو ته رنگ روغن توڙي ٻيا معاملا سڌا سنوان غلاميءَ جي جهلڪ ڏيکارين پيا پر لکنوي دھلوي لاھوري ٽولي سنڌ سان لڳاتار ويساھ گهاتين جو دور ھلايو. سندن ويساھ گهاتين ۽ بڇڙاين کي تاڙيندي  ھونئن ته پھرين ڏينھن کان سائين جي ايم سيد سندن نه رڳو مقابلو ڪيو پر پھرين سٽ ۾ انھن کي زبردست شڪست به ڏئي ورتي، پر جيئن ته اھي بديءَ جون قوتون ڪي اڪيليون نه ھيون، انگريزن جي برصغير جي قبضي وارن ڏينھن کان اھي ئي سندن نسل در نسل وفادار ھيون ۽ ھن موقعي تي سيد جڏھن کين 1946ع وارين چونڊن ۾ شڪست ڏني ته ھنن يڪدم پنھنجي نگهبانن انگريزن سان رجوع ڪري سنڌ اسيمبلي ٽوڙائي نيون چونڊون ڪرايون ۽ ان ۾ رڪارڊ ڌانڌلي ڪري سيد کي به ھارائي ڇڏيو.

ان اھڙي صورتحال ۾ ھڪڙو ئي ماڻھو مستقل مزاجيءَ سان ان سموري ماجرا کي پرکيندي ان جو ٽوڙ ڪڍڻ لاءِ سوچيندو به رھيو، سوچرائيندو به رھيو ۽ عملي ميدان ۾ به اھڙي سالار وارو ڪم ڪندو رھيو، جيڪو دنيا جي تاريخ ۾ بي مثل آهي. اھو ڪردار ادا ڪندڙ شخص سائين جي ايم سيد آھي. جنھن لکنوي دھلوي لاھوري ٽولن سان به مقابلو ڪيو ته سنڌ جي عظمت جا ھزارين سالن جي تھن ۾ دفن ٿيل تاريخي داستان به دنيا آڏو پڌرا ڪري سنڌي ماڻھن ۾ پنھنجي وطن جي وارثيءَ ۽ آجپي جي تڙپ پيدا ڪئي. اھو ئي سبب آهي ته سنڌ اڄ ڀل دنيا جي نقشي تي موجود نه آهي پر سنڌي ماڻھن جي دلين ۽ دماغن ۾ وسي ٿي. عربستان کان آسٽريليا تائين امريڪا کان استنبول تائين سنڌي ماڻھو پنھنجي ڌرتيءَ جي عظمت جا قائل به ٿيندا رھن ٿا ته دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ ان بنياد تي جڙندا به رھن ٿا. سنڌ ڌرتيء کي سنڌين لاءِ جيتوڻيڪ ھر ڏينھن سوڙھو ڪرڻ جون ڪوششون ٿينديون رھن ٿيون. پر سنڌ سندن مقابلو ڪرڻ لاءِ سڄي دنيا ۾ متحد ٿي رھي آھي. ھاڻي پڪ سمجهو ته سنڌ واپس ورندي ۽ ڌرتيءَ تان ڏولائو لھندو.