سنڌ جي وحدت اسان جي ريڊلائن آهي، نوان صوبا قبول ناهن: راشد محمود

سنڌ جي وحدت اسان جي ريڊلائن آهي، نوان صوبا قبول ناهن: راشد محمود

سکر (بيورو رپورٽ). جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي قائد علامه راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ جي وحدت اسان جي ريڊ لائين آهي ۽ نون صوبن بابت ڪنهن به قسم جي تجويز ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪئي ويندي. هن وفاقي وزير محسن نقوي پاران نون صوبن بابت ڏنل تجويز کي رد ڪندي چيو ته ملڪ جو آئين بلڪل واضح آهي، صوبائي اسيمبلي ۽ سينيٽ جي آئيني منظوري کان سواءِ نوان صوبا قائم نٿا ٿي سگهن. جي يو آءِ سنڌ جي پريس سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب علامه راشد محمود سومرو چيو ته نون صوبن جو شوشو دراصل ارڙهين آئيني ترميم کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش آهي، جنهن کي هر حالت ۾ رد ڪيو ويندو. ملڪ کي درپيش بحرانن جو حل صوبن جي ورهاست ۾ نه، پر فرسوده نظام جي سڌاري، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري ادارن جي مضبوطي ۾ آهي. هن چيو ته سنڌ جو عوام صوبي جي وحدت، جاگرافيائي سرحدن، نون انتظامي يونٽن يا ڪنهن به قسم جي ورهاست واري منصوبي کي سنڌ تي حملو سمجهن ٿا. هن چيو ته صوبائي سرحدن سان ڪنهن به قسم جي ڇيڙڇاڙ ملڪ جي مفاد ۾ ناهي، پر اهڙا قدم قومي يڪجهتي کي نقصان پهچائين ٿا. ماضي ۾ ون يونٽ لاڳو ڪري بنگال، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي وحدتن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جنهن جا انتهائي سنگين نتيجا نڪتا ۽ ملڪ ٻن حصن ۾ ورهائجي ويو. هن چيو ته تاريخ مان سبق سکڻ بدران ٻيهر اهڙا تجربا ڪرڻ دانشمندي نه آهي. هن وڌيڪ چيو ته نون صوبن جي بحث دراصل اسٽيبلشمينٽ ۽ ان جي ڇاڙتن پاران پنهنجي ناڪامين تان عوام جو ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش آهي. ملڪ جو نظام صوبائي سرحدن سبب ناڪام نه ٿيو، پر غير آئيني قدمن، مارشل لا، آئين شڪني ۽ اقتدار تي ناجائز قبضي سبب رياستي نظام کي نقصان پهتو. آئين جي بالادستي، پارليامينٽ جي خودمختياري ۽ صوبن کي سندن آئيني حقن جي فراهمي سان ئي ملڪ سياسي استحڪام، معاشي ترقي ۽ قومي خوشحالي طرف وڌي سگهي ٿو.