| سنڌ جي وحدت تي وار جي اجازت نه ڏينداسين: سردار شاهه |
ٺٽو (رپورٽر) تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو آهي ته ٺٽو سنڌ جي تاريخ جو ھڪ اڻ مٽ باب آھي، جيڪو ماضي ۾ سنڌ جي گادي جو ھنڌ پڻ رھيو آھي، ھتي کليل ڪچھري ڪرڻ تي انتھائي خوشي ٿي آھي ھميشه ڪوشش رھي آھي ته نوجوانن کي وڌ ۾ وڌ روزگار فراھم ڪيون ۽ بند اسڪولن کي فعال بڻايون.ِ جيستائين اسان پنھنجي اسڪولن جي مالڪي نه ڪنداسين شيون بھتر نه ٿينديون، پنھنجي ڳوٺ جو ڌڻي پاڻ ٿيڻو پوندو. ٺٽي ۾ کلي ڪچهري کي خطاب ڪندي هن چيو ته عوام جا نوڪر آھيون، جيڪڏھن وزارتن تي ويٺا آھيون ته پاڻ کي حاڪم نه پر نوڪر سمجهون، شڪايت ڪرڻ عوام جو حق آھي.ٻئي طرف صحافين سان ڳالھائيندي صوبائي وزير چيو ته سنڌ جي وحدت تي وار ڪرڻ جي ڪنھن کي به اجازت نه ڏني ويندي سنڌ صوبائي سبجيڪٽ آھي وفاق جي ڪنھن به حوالي سان مداخلت برداشت نه ڪئي ويندي ھن چيو ته تڪراري بل وارو معاملو ٻين صوبن لاءِ آھي اسان سنڌ جي ميمبرن ۽ ڏاهن جي مشاورت کانپوءِ اهو بل کڻي ويا آھيون ۽ سنڌ جي عوام سان ناانصافي ٿيڻ نه ڏني ويندي ڇاڪاڻ جواسان وٽ جيڪو بل آھي اهو سنڌ جي فائدي وٽان آھي اسان جيڪو بل جو متن تيار ڪري اسيمبلي ۾ کڻي ويا آھيون اهو مڪمل سنڌ جي حمايت ۾ آھي ھن چيو ته معدني وسيلن جي نالي تي جبلن جي ڪٽائي ۽ تاريخي ماڳن کي نقصان رسڻ واري معاملي جو عوام پاڻ نوٽيس وٺي انهن جي مالڪي ڪري جڏھن ته ھو پڻ غير قانوني طور تي جبلن جي کوٽائي وارو عمل بند ڪرائڻ چاهين ٿا پر پٿر مافيا ۽ جبلن کي ٽوڙيندڙ عدالتن ۾ وڃي منع نامو حاصل ڪري وٺن ٿا، هوڏانهن مڪلي ۾ صوبائي وزير سيد سردار شاهه جي منعقد ڪيل کلي ڪچھري ڪوھستان واسين جي مسئلن جي دردن جي درمان نہ بڻجڻ تي مايوس موٽندڙ ڪوھستان واسين پريس ڪلب ٺٽي آڏو احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي بند پيل اسڪول چالو ڪرڻ سميت زندگيءَ جي ٻين گهربل سھولتن جي فراھميءَ جو مطالبو ڪري ڇڏيو