سنڌ جي وحدت تي ڪو وار برداشت نه ڪنداسين: اياز لطيف

  سنڌ جي وحدت تي ڪو وار برداشت نه ڪنداسين: اياز لطيف

حيدرآباد(بيورو رپورٽ) قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي ترجمان اشرف پليجو پنهنجي پريس پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته قومي عوامي تحريڪ پاران سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجھد تيز ڪندي سڀاڻي (اڄ) 27هين آئيني ترميم، وسيلن جي ڦرلٽ، ڪارپوريٽ فارمنگ، درياھ تي ڌاڙي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي سربراھه اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾  ھزارين ماڻهن جو وارھه شھر ۾ پيادل مارچ ۽ جلسي عام ڪيو ويندو. جنھن جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن وارھ شهر کي پارٽي جھنڊن ۽ پينافليڪس سان سينگاريو ويو آهي. قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير مصطفي ڪمال جي سنڌ کي ٽوڙي نئون صوبو ٺاهڻ واري بيان جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي اسان کي سڀني انسانن سان پيار آھي پر اسان کي پنھنجي وطن سان سڀني کان وڌيڪ پيار آھي. سنڌ اسان جي آھي. سنڌ جي وحدت تي ڪو به وار برداشت نه ڪنداسين. ھن چيو ته پيپلز پارٽي ڀلي سنڌ ٽوڙڻ وارين سازشن تي خاموش ھجي پر سنڌ جي ماڻھن کي اقتدار کان وڌيڪ پنھنجو سنڌ وطن عزيز آھي.اھڙو ڪو به دستور ھلڻ نه  ڏنو ويندو جيڪو سنڌ دشمن ۽ ملڪ دشمن پسمنظر ۾ ھجي.ھن چيو تہ ايم ڪيو ايم مئل گھوڙو آھي، اسٽيبلشمينٽ جي مھري کان وڌيڪ انھن جي ڪا حيثيت ناھي. اردو ڳالھائيندڙ سنڌ جو حصو آھي. اھي نفرت ۽ تعصب جي سياست کي رد ڪن ٿا.