سنڌ جي ورهاڱي خلاف هڪ وڌيڪ قرارداد آڻڻ جو اعلان: مريم کي سنڌ مان چونڊ وڙهڻ جو به چئلينج   

سنڌ جي ورهاڱي خلاف هڪ وڌيڪ قرارداد آڻڻ جو اعلان: مريم کي سنڌ مان چونڊ وڙهڻ جو به چئلينج   

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاھ جيو آھي ته وزيراعليٰ پنجاب ( مريم نواز )کي جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن جو  فڪر آھي ته ھو سنڌ اچي اليڪشن وڙھي، پهريائين  ووٽر لسٽ ۾ نالو داخل ڪرائي، جيڪڏهن سنڌ جا ماڻهو کيس چونڊين ٿا ته ڀلي اچي، جيڪڏھن مريم نواز کي پوري ملڪ جي خدمت ڪرڻي آھي ته پنهنجي پارٽي سان ڳالهائي ۽ قومي اسيمبلي ۾ چونڊجي اچي پوري ملڪ جي قيادت ڪري،  اھو سنڌ جي ماڻهن جو مسئلو ناھي، ڪالهه  آرٽس ڪائونسل ۾ اقليتن جي ڏهاڙي جي مناسبت سان ٿيل تقريب کي خطاب  ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ھن چيو ته  سنڌ اسيمبلي صوبي جي ورھاست خلاف اڳ ۾ به ڪيتريون ئي قراردادون پاس ڪري چڪي آھي، ضرورت پئي ته وڌيڪ قرار داد پاس ڪري سگھون ٿا،  نون صوبن جي حوالي سان آئين ۾ طريقيڪار موجود آھي،  ماڻهو چون ٿا ته پ پ سنڌ ۾ الڳ موقف رکي ٿي ۽ پنجاب ۾ الڳ رکي ٿي پر پنجاب اسيمبلي اڳ ۾ ئي پنجاب ۾ 2 صوبن جي حوالي سان قرارداد پاس ڪري چڪي آھي، ھاڻي اھا قراردار قومي اسيمبلي ۾ 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت سان منظوري لاءِ پيل آھي،   آئين ۾ ترميم لاءِ به 2 ڀاڱي 3 جي اڪثريت گهرجي، جيڪڏهن ڪنهن وٽ ايتري ميجارٽي آھي ته ڀلي  ترميم آڻي،  هن چيو ته مريم نواز کي سنڌ ۾  سياست ڪرڻ جو شوق آھي ته ھتي اچي ووٽر لسٽ ۾ نالو شامل ڪرائي ۽ اليڪشن وڙھي، جيڪڏهن مريم سڄي ملڪ جي خدمت ڪرڻ ( وزيراعظم ٿيڻ ) چاھي ٿي ته  قومي اسيمبلي جي ميمبر ٿيڻ  لاءِ  پنهنجي پارٽي کي چوي، ھن چيو ته سي سي آءِ  جي اجلاس لاءِ وفاق کان پڇو، اهي رڳو منهنجي لکڻ سان نه پر آئيني طور هر 90 ڏينهن ۾ اجلاس ڪوٺائين ، هن چيو ته پريا ڪماري جي جيڪڏهن خبر ھجي ھا ته اڄ ئي بازياب ڪرايون ھا، انهي حوالي سان پوليس ڪوشش ڪري پئي، اسان  چاھيون ٿا ته سڀ گم ٿيل ٻارڙا جلد بازياب ڪرايون، ھن چيو ته مير رضا ڪيس جي جاچ پوليس ڪري پئي، پوليس جي جاچ  ۽ ميڊيڪو ليگل ۾ جيڪي ڪوتاھيون ٿيون آھن، اسان چاھيون ٿا ته انهن جي خبر پوي، انھي ڪري جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ھو پر وارث چون ٿا ته اھي عدالتي جاچ ڪرائڻ نٿا چاھين۔  انهي کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ صدين کان رواداري، محبت ۽ مذهبي هم آهنگي جي علامت رهي آهي ،سنڌ ۾ مختلف مذهب، عقيدا، ٻوليون ۽ ثقافتون صدين کان گڏجي جڙيل آهن،  غير مسلم برادريون سنڌ جي ساڍا 5 ڪروڙ آبادي جو 9 کان 10 سيڪڙو اهم حصو آهن سنڌ جي ترقي، خوشحالي ۽ تعمير جي سفر ۾ اقليتي برادريون برابر جون شريڪ آهن، هن چيو ته 11 آگسٽ جو ڏينهن قائداعظم محمد علي جناح جي تاريخي ويزن جي ياد ڏياري ٿو، قائداعظم جو ويزن هو ته پاڪستان ۾ هر شهري کي برابر جا حق هجن،  هر پاڪستاني پنهنجي عقيدي موجب عبادت ڪرڻ لاءِ آزاد آهي، سنڌ حڪومت قائداعظم جي ويزن کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ پرعزم آهي اسان اقليتي برادرين کي رڳو هڪ ڏينهن ياد نٿا ڪريون، سڄو سال سندن ڀلائي لاءِ ڪم ڪريون ٿا اقليتي برادرين جي مسئلن جي حل لاءِ اثرائتي قانونسازي يقيني بڻائي رهيا آهيون، هن چيو ته قابليت جو ڪو مذهب ناهي، خدمت جي ڪا حد ناهي ۽ ڪاميابي ڪنهن اڪيلي ڌر جي ميراث ناهي  اقليتي برادرين جون ڪاميابيون سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ فخر جو سبب آهن ، سنڌ جي تاريخ رڳو هڪ مذهب، ٻولي يا ثقافت جي تاريخ ناهي، هي ملڪ انهن سڀني ماڻهن جي گڏيل ميراث آهي، جيڪي هن ڌرتي سان محبت ڪن ٿا، هن چيو ته  سنڌ کي رواداري، مذهبي هم آهنگي، امن، تحفظ ۽ ترقي جو مينار بڻائينداسين