سنڌ جي ٻئي نمبر وڏي شهر حيدرآباد مان ٻن ڏينهن کان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، شهري عذاب ۾ مبتلا
آگسٽ 31, 2024
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ جمع جي ڏينهن جيتوڻيڪ برسات جي شدت گهٽيل رهي پر شهر جي اڪثر هيٺاهين وارن علائقن مان پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو آهي
پاڻي نيڪال نه ٿيڻ جي ڪري شهري سخت تڪليف کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته مختلف چوڪن چوراهن ۽ رستن تي پاڻي بيهڻ جي ڪري ٽريفڪ به متاثر ٿيل آهي. اسلام آباد واري علائقي ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ شخص فوت ٿي ويو جڏهن ته لطيف آباد نمبر 8 ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ جي ڪري هڪ ڄڻو زخمي ٿيو
شهر جي جن علائقن ۾ برساتي پاڻي بيٺل آهي انهن ۾ ريلوي ڪالوني، اسٽيشن روڊ، گرونگر، فقير جو پڙ، ڪلاٿ مارڪيٽ، ميمڻ اسپتال چوڪ، مين قاسم آباد روڊ، حالي روڊ، مهر علي سوسائٽي، لطيف آباد نمبر 2، گئوشالا، لياقت ڪالوني، ڦليلي پار ڪڇي پاڙو، ٽنڊو ٺوڙهو، پريٽ آباد، نوراني بستي، سحرش نگر، لالو لاشاري، ماروي ٽائون، اسلاميه ڪالوني، حر ڪئمپ، ڀٽي چانڊيا ڳوٺ، لطيف آباد نمبر 3، لطيف آباد نمبر 7، مڪي شاهه، گلشن حالي، فتح چوڪ، حسين آباد چوڪ، فراز ولاز، سنڌ ميوزم جو سامهون وارو روڊ، اماني شاهه ڪالوني ۽ ممتاز ڪالوني سميت ٻيا اڪثر علائقا شامل آهن
حيدرآباد ۾ بجلي جو بحران به گهٽجي ويو آهي پر ان جي باوجود واسا جي پمپنگ اسٽيشنن وٽان گهٽ مقدار ۾ پاڻي نيڪال ٿيڻ جي ڪري هيٺاهين وارا علائقا پاڻي کان خالي نه ٿي سگهيا آهن. ميئر حيدرآباد ڪاشف شوري، برساتن بابت وڏي وزير جي فوڪل پرسن عبدالجبار خان، ڊپٽي ڪمشنر زين العابدين ميمڻ ۽ ٻين عملدارن شهر جي مختلف علائقن جو دورو ڪري پاڻي جي نيڪالي جي حوالي سان هدايتون ڏنيون
ٻئي طرف اسلام آباد واري علائقي ۾ بجلي جي ٿنڀي تي ڪرنٽ لڳڻ سبب هڪ ڄڻو عباس چانڊيو فوت ٿي ويو. عباس چانڊيو حيسڪو جي عملي سان گڏجي بجلي ٺاهڻ جو ڪم ڪندو هو. هو اسلام آباد جي اولڊ فيڊر جي هڪ ٽرانسفارمر تي چڙهي ڪنيڪشن ڳنڍي رهيو هو ته اوچتو بند ٿيل فيڊر کلي پيو جنهن سبب کيس ڪرنٽ لڳو ۽ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو. بعد ۾ فيڊر بند ڪرائي سندس لاش ٿنڀي تان لاٿو ويو. فوتي ٽنڊي آغا واري علائقي جو رهواسي ٻڌايو پيو وڃي
هوڏانهن لطيف آباد نمبر 8 ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 26 سالن جو هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. قاسم آباد جي شورا ڳوٺ ۾ گذريل 4 ڏينهن کان بجلي بند هجڻ جي ڪري شهري پريشان رهيا. شهر جي ڪجهه ٻين علائقن ۾ به سڙي ويل ٽرانسفارمر تبديل نه ٿيا آهن جنهن جي ڪري بجلي بحال نه ٿي سگهي