سنڌ جي ٻهراڙي جي آبادي ۾ رڳو 1.90 سيڪڙو واڌ: شهري آبادي 3.17 سيڪڙو وڌي وئي

آگسٽ 8, 2023

اسلام آباد(پنهنجي ڊيسڪ) وفاقي حڪومت نئين ڊجيٽل آدمشماري جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تحت سنڌ جي شهري آباديءَ ۾ 3 ڏهائي 17 سيڪڙو ۽ ٻهراڙيءَ جي آباديءَ ۾ رڳو هڪ ڏهائي 90 سيڪڙو اضافو ٿيو

نئين ڊجيٽل آدمشماري موجب سنڌ جي ڪل آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 ٿي وئي، 2017 جي آدمشماري ۾ سنڌ جي آبادي 4 ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ريڪارڊ ڪئي وئي هئي، 2017 کان 2023 تائين سنڌ جي آباديءَ ۾ 2 ڏهائي 57 سيڪڙو اضافو ٿيو

سي سي آءِ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشنس موجب سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 57 لک 71 هزار 71 آهي، سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 99 لک 25 هزار 76 ٿي وئي

سنڌ جي شهري علائقن جي آباديءَ ۾ 3 ڏهائي 17 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن جي آباديءَ ۾ رڳو هڪ ڏهائي 90 سيڪڙو جو اضافو ٿيو، 2017 جي آدمشماري موجب سنڌ جي شهري علائقن جي آبادي 2 ڪروڙ 48 لک 32 هزار ۽ ٻهراڙين جي آبادي 2 ڪروڙ 30 لک 21 هزار هئي

 پراڻي آدمشماري ۾ ٻهراڙي ۽ شهري آبادي جو فرق 18 لک تائين جو هو، نئين آدمشماري ۾ اهو فرق 50 لک کان به وڌي ويو

ڪراچي ڊويزن ۾ شامل 7 ضلعن جي آبادي 2 ڪروڙ 3 لک 82 هزار 881 ڄاڻائي وئي آهي، گزيٽ نوٽيفڪيشن مطابق ڪراچي سينٽرل جي آبادي 38 لک 22 هزار 325 ڄاڻائي وئي آهي، ڪراچي ايسٽ ضلعي جي آبادي 39 لک 50 هزار 31 ڄاڻائي وئي آهي، ڏکڻ ڪراچي جي آبادي  23 لک 29 هزار 764، ڪراچي ويسٽ 26  لک 79 هزار 380، ڪياماڙي ضلعي جي آبادي 20  لک 68 هزار 451، ڪورنگي 31 لک 28 هزار 971، ملير ضلعي جي آبادي 24 لک 23 هزار 959 آهي

حيدرآباد ڊويزن ۾ شامل 9 ضلعن جي مجموعي آبادي هڪ ڪروڙ 16 لک 58 هزار 246 ڄاڻائي وئي آهي

لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ شامل 5 ضلعن جي ڪل آبادي 70 لک 93  هزار 706، ميرپور خاص ڊويزن جي ٽن ضلعن جي ڪل آبادي 46 لک 19 هزار 624، شهيد بينظير آباد آباد جي 3 ضلعن جي ڪل آبادي 59 لک 30 هزار 659، سکر ڊويزن جي ٽن ضلعن جي ڪل آبادي 60 لک 10 هزار 41  ڄاڻائي وئي آهي

لاڳاپيل پوسٽون

  • مرتضيٰ جتوئي ۽ ٻين جي پڪي ضمانت منظور

  • بينظير هائوسنگ سيل ملازم برطرفي، عدالت پاران ڪاوڙ

  • ڪراچي ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف

  • ٺل لڳ ڏير هٿان ڀاڄائي قتل