Warning: session_start(): open(/var/cpanel/php/sessions/ea-php71/sess_a5hk59ib87cmnedofvtbgf22mv, O_RDWR) failed: No such file or directory (2) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7

Warning: session_start(): Failed to read session data: files (path: /var/cpanel/php/sessions/ea-php71) in /var/www/html/wp-content/plugins/bsa-plugin-pro-scripteo/lib/functions.php on line 7
سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ۽ آرڊينينس جي آئيني حيثيت ... زبير احمد ٻوھيو - Pahenji AkhbarPahenji Akhbar سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ۽ آرڊينينس جي آئيني حيثيت ... زبير احمد ٻوھيو - Pahenji Akhbar
تازا ترين
  • ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ۾ملوث هڪ روپوش جوابدار ذوالفقار چانڊيو گرفتار *
  • *سڳيون ۾ انتظاميه پاران کرل مائينر جي ڪپرن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن، ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ *انتظاميه ڳري مشينري جي مدد سان ڪيترائي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا *انتظاميه پاران کرل مائينر جي کپرن تي ٺاهيل گهر خالي ڪرڻ لاءِ رهواسين کي 3 ڏينهن جي مهلت*
  • *شھدادپور جي عدالت پاران رمانڊ لاءِ پيش ڪيل جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *سرهاڙي پوليس ڪچي شراب جي الزام هيٺ گرفتار علي اڪبر مگسي کي عدالت ۾ پيش ڪيو *عدالت پاران جوابدار کي ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائي پيش ڪرڻ جي هدايت *جوابدار ماسڪ ۽ سوئيٽر پارائڻ بعد ٻيهر پيش، عدالت کيس جوڊيشل رمانڊ تي جيل حوالي ڪري ڇڏيو*
  • *شڪارپور: دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران پوليس تي حملي ڪيس ۾6 جوابدارن کي 10،10 سال قيد جي سزا *عدالت مير ھزار، ابرار، اسرار، سرور، ھزارو۽ عزيز جکراڻي کي سزا ٻڌائي وئي *جوابدارن هڪ سال اڳ جيڪب آباد ويجهو پوليس تي حملو ڪري سرڪاري رائيفل ڦر ڪئي هئي*
  • *لاڙڪاڻي ۾ شھيدِ اسلام ڪانفرنس جون تياريون مڪمل، جي يو آءِ اڳواڻن ۽ڪارڪنن جي آمد جو سلسلو جاري *ميونسپل اسٽيڊيم ۾ داخلي رستن تي واڪ ٿرو گيٽ لڳايا ويا، سيڪيورٽي لاءِ پوليس نفري مقرر *شهيد اسلام ڪانفرنس کي جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ ٻيا اڳواڻ خطاب ڪندا*
  • *ڪوٽڙي: سي آءِ اي ڄامشورو پوليس جي ڪارروائي، منشيات ٺاهڻ ۾ استعال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ *ٻولھاڙي روڊ تي عبدالغفار چانگ کي گرفتار ڪري منشيات ٺاهڻ ۾ استعمال ٿيندڙ سامان جون 110 ٻوريون هٿ ڪيون: پوليس *ضلعي اندر منشيات فروشن کي منشيات ھلائڻ نه ڏينداسين. ايس ايس پي ڄامشورو*
  • *دڙو: ڪانڌڙا اسٽاپ وٽ محمودي رائيس مل کي بجلي جي شارٽ سرڪٽ سبب باهه وڪوڙي ورتو *باهه سبب لکين روپين جون ساريون سڙي ويون: رائيس مل ملڪ*
  • *پي ٽي آءِ قيادت ناراض ايم پي اي شهريار شر کي پرچائڻ لاءِ سڀاڻي ڏهرڪي پهچندي *وفاقي وزير شبلي فراز، اسد عمر، فردوس شميم، حليم عادل ۽ ٻيا اڳواڻ ڏهرڪي پهچندا *پارٽي قيادت سڀاڻي ملاقات لاءِ پهچندي، ڪجهه معاملا آهن جيڪي حل ڪيا ويندا: شهريار شر *ڏهرڪي: پ پ اڳواڻن پاران ايم پي اي شهريار شر سان پارٽي ۾ شموليت ڪرائڻ بابت ڳالهيون هلندڙ: ذريعا*
  • *دادو ۾ ٻن شادي شده عورتن پاران ڌار ڌار زهريلي دوا پي آپگهات جي ڪوشش، اسپتال داخل *دادو شهر جي رهواسڻ نظيران سولنگي ۽ پَٽُ گل محمد واسڻ صدوري پنهور کي اسپتال منتقل ڪيو ويو*
  • *عادلپور ويجهو 10 ايڪڙن تي بيٺل ڪمند کي باهه *ڳوٺ غلام علي ڪلوڙ ويجهو ڪمند جي فصل کي اوچتو باهه وڪوڙي ورتو *ڪنهن سان به دشمني ناهي، باهه لڳڻ سبب لکين روپين جو ڪمند سڙي ويو: عبدالجبار ڪلوڙ*
  • *ٽنڊي غلام حيدر ويجهو شادي شده عورت پاران مبينا ڦاهو کائي آپگهات *ڳوٺ علي اڪبر چانگ واسڻ 38ورهين جي پٺاڻي زال جمعون گهر اندر مبينا ڦاهو کائي ڇڏيو*
  • *تنگواڻي ۾ رولو ڪتن نينگري ۽ ٻن عورتن سميت 8 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو *رازل خاتون لاشاري، صاحب خاتون، سنڌو ملڪ، قائم جعفري، گل حسن نندواڻي ۽ ٻيا زخمي اسپتال منتقل*
  • *ٺل: ڳوٺ عبدالعنبي لاشاري ۾ نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت *امتياز علي راند کيڏندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ڪِري ٻڏي فوت ٿي ويو، گهر ۾ ڪهرام*
  • *سنڌڙي ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل فهميده شر مامرو *ميرپورخاص جي عدالت پاران جوابدار ڄاڻايل ڪريم بخش شر جي عبوري ضمانت ۾ 30 نومبر تائين واڌ*
  • *سپريم ڪورٽ ۾ جيڪب آباد جي اسڪول ۾ ڪرپشن ڪيس ۾ جوابدار جي اپيل تي ٻڌڻي *عدالت جوابدار آزاد علي جي 5-5 لک رپين جي گارنٽيز سان ضمانت منظور ڪري ورتي *جوابدار تي 34 لک رپيا ڪرپشن ڪرڻ جو الزام آهي: جوابدار جو وڪيل*

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي جي ڪوشش ۽ آرڊينينس جي آئيني حيثيت … زبير احمد ٻوھيو

سنڌ جي وسيلن تي قبضو ڪا نئين ڳالهھ ته نه آھي ھن معصوم نگري کي ھر وقت ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان ڦريو ۽ لٽيو وڃي ٿو پوءِ اھو ڪوڙن ڊوميسائيلن جو مسئلو ھجي يا ڌاري آبادگاري يا وري ھتان کان نڪرندڙ پئٽرول، گئس ۽ ڪوئلو ھجي يا سون قدرتي وسيلا ۽ معدني شيون. ھميشه انھن مان 95 سيڪڙو ته وفاق کڻندو رھيو آھي ۽ باقي جيڪو ٿورو گهڻو صوبن کي حصو ملندو رهيو آهي، اهو به گهڻي قدر صوبن جي بااثر يا اقتدار ۾ رهندڙ ماڻهن جي کيسي ۾ ويندو رهيو اهي، عام ماڻهو کي ان مان ڪو وڏو ۽ مستقل فائدو نه پهچي سگهيو آهي، جنهن جي ڪري هيستائين انهن جي زندگي ۾ ڪو بنيادي ڦيرو نه اچي سگهيو آهي ۽ هو اڄ به ڏڪار واري زندگي گذاري رهيا آهن.شايد هِي اسان جي ملڪ پاڪستان جي تمام وڏي بدقسمتي آهي جو مُلڪ کي 73 سال گذرڻ باوجود پَنهنجي ماڻهن کي ۽ پَنهنجي ئي علائقن کي فتح ڪرڻ جو سلسلو بند نه ڪيو ويو آھي. اُهو رويو اَڃا به هڪ قدم اڳتي قبضي ۽ والار پَسنديءَ ڏانهن وڌي رھيو آهي، جنهن سبب ننڍن صوبن، خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان ۾ سَخت پريشاني، غير يقيني ۽ هيجان واري ڪيفيت آهي، جيڪا ڪنهن به وقت وڏي عوامي هلچل ۾ تبديل ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ گهڻو ڪجهه بدلجي سَگهي ٿو. اُن جي باوجود وفاق ۽ اُن جون ساٿاري قوتون صُورتحال کي سَمجهڻ لاءِ تيار ناهن- يا وري سَمجهندي به ڪَن لاٽار ڪري رهيا آهن، جنهن جو نتيجو مُلڪ کي نقصان کانسواءِ ڪجهه به ٿي نٿو سَگهي!تازو ئي وفاقي سرڪار ڳجھه ڳوھ ۾ ھڪ منصوبو جوڙيو آھي جنھن کي مھينو گذري ويو آھي پر ظاهر هاڻي ٿيو آهي.
وفاقي حڪومت ٻيٽن تي قبضي کان پوءِ اتي نوان شھر اڏائڻ ڪاروباري ۽ صنعتي زون ٺاھڻ عالمي سياحت کي ھٿي وٺرائڻ جي منصوبن سوڌو مختلف منصوبا شروع ڪرڻ لاءِ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري ورتي آھي اٿارٽي قائم ڪرڻ لاءِ صدارتي آرڊينينس ڳجهه ڳوھه ۾ جاري ڪيو ويو آھي جنھن جي چيئرمين جي عھدي لاءِ اشتھار پڻ ڏنو ويو آھي صدارتي آرڊينينس ۾ پاڪستان آئلينڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي کي غير معمولي اختيار ڏيندي ڀنڊار ۽ ڏنگي آئلينڊ ۾ منصوبا ڪرڻ منصوبن تي عمل درآمد ڪرائڻ انھن علائقن ۾ سرچارج ڊيوٽيز، في ۽ ٽيڪس وصول ڪرڻ سان گڏ ملڪي ۽ عالمي ادارن کان قرض وٺڻ سوڌو ملڪيتون حاصل ڪرڻ، وڪرو ڪرڻ ۽ ليز تي ڏيڻ جا به اختيار ڏنا ويا آھن جڏھن ته وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۽ انھن جي ماتحت ادارن کي اٿارٽي جي مدد لاءِ آرڊينينس ذريعي پابند بڻايو ويو آھي وزيراعظم اٿارٽي جو پيٽرن ھوندو اٿارٽي سمورا فيصلا وزيراعظم کي پيش ڪرڻ جي پابند ھوندي، اٿارٽي منظور ٿيل ھر اسڪيم کي سرڪاري گزيٽ ۾ شايع ڪرڻ جي پابند تصور ٿيندي اٿارٽي ترقياتي اسڪيمون پبلڪ پرائيوٽ پارٽنر شپ ۽ جوائنٽ وينچر جي صورت ۾ به شروع ڪري سگھندي اٿارٽي جي قانون تي پيپرا قانون لاڳو ٿيندو اٿارٽي پاران تيار ڪيل طريقيڪار تحت خريداري ڪرڻ جو به اٿارٽي کي اختيار ھوندو اٿارٽي جي قيام کان ڏھن سالن تائين اٿارٽي آمدني جي ٽيڪس توڙي منافعي تي ٽيڪس جي ڇوٽ به ھوندي.
ٻيٽن بابت آرڊينينس جي آئيني حيثيت
عام ماڻهن کي اها خبر نه هوندي آهي ته ناٽيڪل ميل خشڪي جي ڪيتري مفاصلي جي برابر هوندو آهي، انڪري انهن سڀني جي ڄاڻ لاءِ ٻڌائيندو هلان ته 1 ناٽيڪل ميل خشڪي جي 1.852 ڪلوميٽر مفاصلي جي برابر هوندو آهي.، ملڪي آئين جو آرٽيڪل 172 ملڪيتن جي باري ۾ آهي جنهن جي شق نمبر هڪ ڪجهه هن ريت آھي
1-ڪابه ملڪيت جنهن جو ڪو به قانوني حقدار ناهي جيڪڏهن ڪنهن صوبي جي حدن ۾ آهي ته ان صوبي جي حڪومت جي ليکي ويندي ۽ ٻئي هر صورت ۾ وفاقي حڪومت جي ليکبي.
2-سموريون زمينون، معدنيات ۽ ٻيون قيمتي شيون جيڪي ڪانٽينيٽل شيلف اندر هجن يا سمنڊ جي اندر پاڪستان جي علائقي پاڻي کان ٻاهر هجن ته اهي وفاقي حڪومت جي ملڪيت ليکبيون. ان ڳالهه کي مڪمل طور سمجهڻ لاءِ اچو ته پهريان سمجهون ته ڪانٽينيٽل شيلف (continental shelf) ۽ علائقائي پاڻي (Territorial waters) جو مطلب ڇا آهي تڏهن ئي ڳالهه مڪمل طور سمجهه ۾ ايندي.
ڪانٽينيٽل شليف (continental shelf)
جيئن اسان کي خبر آهي ته اسان جي ڌرتي تي سمنڊ کان علاه جيڪي خشڪي جا ٽڪرا آهن سي اصل ۾ مختلف حصن ۾ آهن ۽ سمنڊ جي پاڻي ذريعي هڪ ٻئي کان الڳ ٿيل آهن ۽ انهن حصن کي اسين مختلف کنڊن جي صورت ۾ سڃاڻندا آهيون. هاڻي خشڪي جو ڪوبه ٽڪرو صرف ايترو نه هوندوآهي جيترو نظر اچي ٿو بلڪه ان جو ڪجهه حصو سمنڊ جي اندر به هوندو آهي. زمين جي هر تري يا کنڊ جو اهو ٽڪرو جيڪو خشڪي سان ڳنڍيل هجي پر سمنڊ جي پاڻي هيٺ هجي ان کي ڪانٽينيٽل شيلف چئبو آهي . سمنڊ جي عالمي قانون مطابق هر ملڪ جنهن کي سمنڊ ڪنارو آهي ان کي پنهنجي ڪانٽينيٽل شيلف ۾ موجود سمورين قدرتي وسيلن کي استعمال ڪرڻ جو حق ڏنل آهي،
علائقائي پاڻي (Territorial waters)
علائقائي پاڻي مان مراد ڪناري کان سمنڊ جي اندر تائين اها حد آهي جنهن تي ڪنهن به ملڪ جي خود مختياري جو اختيار آهي. گڏيل قومن جي سمنڊ بابت قانون جي ڪنويشن جي ڀاڱي ٻئي جي شق 2 جي آرٽيڪل 3 ۾ ڏنل آهي ته ڪنهن به ملڪ جي علائقائي پاڻي جي حد سمنڊ اندر 12 ناٽيڪل ميلن تائين هوندي آهي پاڪستان هن ڪنويشن تي 10 ڊسمبر 1982 ع تي صحيح ڪئي آهي. تنهن ڪري ان تي عمل ڪرڻ لاءِ پابند آهي. اهڙي طرح خبر پئي ته سمنڊ اندر مالڪي وارا حق ٻه طرفا آهن هڪ گڏيل قومن جي ڪنويشن تحت اسان جي ملڪ جا دنيا جي ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ حق ۽ ٻيا وري ملڪي آئين تحت ملڪ جي مختلف ايڪائين ۽ وفاق جا پاڻ ۾ ورهايل حق هاڻ جيڪڏهن آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق 2 ڏانهن اچجي ته ان ۾ مٿيان حق ٻئي حق ٻڌايل آهن، پهرين حصي ۾ ٻڌايل آهي ته پاڪستان کي پنهنجي ڪانٽينينٽل شيلف ۾ سمورين قدرتي وسيلن تي حق آهي ۽ ٻئي حصي ۾ ملڪي آئين وفاقي حڪومت کي سمنڊ اندر صرف ان زمينن، معدنيات۽ ٻين قيمتي شين تي حق ڏيئي ٿو. جيڪي اسان جي علائقائي پاڻي يعني 12 ناٽيڪل ميلن کان اڳتي يا ٻاهر هجن. ان جو مطلب اهو ٿيو ته علائقائي پاڻي جي اندر جيڪا به ملڪيت آهي اها آئين جي آرٽيڪل 172 جي شق هڪ تحت صوبي جي ملڪيت آهي، جئين ته ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ علائقائي پاڻي جي حدن اندر آهن. ان ڪري اهي سنڌ صوبي جي ملڪيت آهن، ملڪي ۽ بين اقوامي قانونن جي جائزي مان خبر پئي ته سامهون ٻيٽ واضح طور تي ۽ بغير ڪنهن ابهام جي سنڌ جي ملڪيت آهي ۽ وفاقي حڪومت جي ٻيٽن بابت دعويٰ ملڪي آئين ۽ بين اقوامي قانون جي انحرافي آهي.
ڀنڊاڙ ۽ ڏنگي ٻيٽ سمنڊ ۾ پاڪستان جي علائقائي پاڻي جي حد يعني 12 ناٽيڪل ميلن اندر آهي تنهن ڪري اهي آئين جي آرٽيڪل 172 مطابق وفاقي حڪومت جي نه بلڪه سنڌ جي ملڪيت آهن. اهي ٻيٽ نه وفاقي حڪومت ۽ نه ئي پورٽ قاسم اٿارٽي جي ملڪيت آهن، تنهن ڪري ٻنهي ٻيٽن بابت فيصلا ڪرڻ جو ڪو به اختيار نه آهي. ٻيٽن بابت ڪنهن به فيصلي ڪرڻ جو اختيار صرف ۽ صرف سنڌ حڪومت جو آهي. تنهن ڪري ڪو به وفافي ادارو يا وفاقي حڪومت يا ڪو به آئيني عهديدار جيڪڏهن سنڌ جي آئيني ملڪيت ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت ڪندو ته اها آئين سان انحرافي هوندي. ھاڻي ڏسڻو اھو آھي ته ڇا وفاقي سرڪار پنھنجي ئي ملڪ جي ٺھيل آئين جي بقا لاءِ ڪم ڪري ٿي يا وري ان کي به ٺڪرائڻ ۾ دير ڪونه ٿي ڪري ڇو ته ھوڏانھن سڄي سنڌ ۾ غم ۽ غصي جي لھر شروع ٿي چڪي آھي سموريون ڌريون ان کي رد ڪري چڪيون آھن ڪنھن به صوبي جا وسيلا اتان جي عوام جو جيئاپو ھوندا آھن تنھنڪري سنڌ جا ماڻھون سنڌ جي وسيلن جي ڦر لٽ کي پنھنجي زندگي ۽ موت جو مسعلو قرار ڏين ٿا. ھاڻي ضروري آھي ته ان حوالي سان جيڪو ردعمل سامُهون آيو آهي، اُن کي ڏٺو وڃي ۽ اُن مان ڪجهه سبق به حاصل ڪيو وڃي. غير قانوني، غير آئيني ۽ سنڌ تي سراسر حملي جهڙو آرڊيننس واپس ورتو وڃي آئلينڊ اٿارٽي ختم ڪري. ٻيٽن تي قبضي جا منصوبا بند ڪيا وڃن.

This entry was posted in Feature Story. Bookmark the permalink.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *