سنڌ جي ٽيلينٽ جا پرڏيهه ۾ چرچا:ميهڙ واسي ٻارڙن آمريڪا ۾ تيراڪي مقابلو کٽيو

آگسٽ 8, 2023

ميهڙ(رپورٽر) سنڌ جو ٽيلينٽ ڪنهن کان به گهٽ ناهي، ميهڙ ڄائي ماجد نوناري جي ٻن ٻارڙن آمريڪا ۾ تيراڪي جو مقابلو کٽي پرڏيهه ۾ به  پاڻ مڃرائي ورتو

رياست ڪيليفورنيا جي رياستي سطح تي ٿيندڙ سوئمنگ تيراڪي جي مقابلن ۾ جبران ۽ جنا نوناري گولڊ ميڊل کٽي واهه واهه ڪرائي ڇڏي آهي

ميهڙ جي ڀنڊ محله جي رهواسي ماجد صديق نوناري جيڪو ڪيترن ئي سالن کان آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ رهائش پذير آھي ۽ سانا ۾ به پڻ سرگرم آھي جي پٽ جبران نوناري ۽ ڌي جنا نوناري ڪيليفورنيا ۾ ٿيندڙ رياستي سوئمنگ گيمس ۾ سنڌ ۽ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو

ٻارڙن جي والد ماجد نوناري ٻڌايو آھي ته هن جا ٻارڙا آمريڪي سوئمنگ مقابلن لاءِ چونڊجي ويا آھن جتي به انهن بهترين صلاحيتن جو مظاهرو ڪندي گولڊ ميڊل حاصل ڪري ورتو آھي

Leave A Comment