| سنڌ جي پاڻي تي ڏيڍ صدي کان ڌاڙو جاري آهي: عوامي تحريڪ |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار، مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ نجيب مهيسر ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ ۾ پاڻي جي سخت هٿرادو کوٽ برقرار هجڻ باوجود پنجاب جي حڪمرانن تڪراري جهلم لنڪ ڪئنال ۾ 6587 ڪيوسڪ ۽ تونسا پنجند ڪئنال ۾ 6466 ڪيوسڪ پاڻي زبردستي وهائي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته قانوني معاهدن تحت هي ٻئي ڪئنال صرف ٻوڏ جي صورت ۾ ۽ سنڌ جي اجازت کانپوءِ وهائڻا آهن پر پنجاب جا حڪمران انهن ڌاڙيل ڪئنالن ذريعي ٻارهن ئي مهينا پاڻي وهائي رهيا آهن. پنجاب جي حڪمرانن 1991ع جي پاڻي معاهدي کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙي ڇڏيو آهي ۽ اهي ڪنهن به پاڻي معاهدي تي عمل ڪرڻ لاءِ تيار ناهن. اڳواڻن چيو آهي ته پنجاب جا حڪمران سنڌ کي ديوار سان لڳائڻ بند ڪن. بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي جي صورتحال پنجاب جي حڪمرانن هٿ وٺي خراب ڪئي آهي. پنجاب جا حڪمران پنهنجي هٺ ڌرمي، ظلم ۽ جبر ڪرڻ وارين ڪارروائن تي قائم رهيا ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي ويندي.