ڪراچي (رپورٽ: دودو چانڊيو) وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه چيو آهي ته سامونڊي طوفان جي حوالي سان ايندڙ 3-4 ڏينهن اهم آهن، ڪراچي سوڌو سنڌ جي پوري سامونڊي پٽي متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مراد شاهه چيو ته سنڌ حڪومت پنهنجي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي، ايتري وڏي انگ ۾ ماڻهن جي منتقلي آسان ڪم ناهي، قدم کڻي رهيا آهيون پر ماڻهو مزاحمت ڪري رهيا آهن، هاڻ اپيل نه ڪنداسين پر اثر رسوخ استعمال ڪنداسين، آئون شاهبندر ۽ ڪيٽي بندر جو دورو ڪري آيو آهيان، ڏکي وقت ۾ عوام سان گڏ آهيون، انساني جان بچائڻ پهرين اسان جي ترجيح آهي
وزيراعليٰ چيو ته هن وقت سڀ کان وڌيڪ خطرو سجاول ضلعي کي آهي، سجاول ۾ اسان سول ملٽري عملدارن کان بريفنگ ورتي آهي، گڏيل ٽيمون جوڙيون آهن، طوفان کي روڪڻ جو ڪو ٻيو طريقو ته ناهي الله کان دعا گهرون ٿا، باقي ماڻهن جي منتقلي لاءِ ڪوششون وٺون پيا
مراد شاهه ٻڌايو ته ضلعي سجاول جي ٽن هنڌن تان 60 هزار ماڻهن کي منتقل ڪرڻو آهي، شاهبندر، چوهڙ جمالي، سجاول تائين پاڻي پهچي سگهي ٿو، جتان فوري منتقلي ڪرڻي آهي پر ماڻهو مزاحمت ڪري رهيا آهن، اسان ماڻهن کي هاڻ اپيل نه ڪنداسين، اثر رسوخ استعمال ڪيو ويندو، هن چيو ته 1999 واري سائڪلون ۾ 700 کان وڌيڪ جانيون ضايع ٿيون هيون، انساني جان بچائڻ پهرين ترجيح آهي، ميڊيا ماڻهن کي آگاهي ڏئي ته اهي تعاون ڪن
مراد شاهه چيو ته سجاول جو تعلقو جاتي، شاهبندر، کاروڇاڻ مان 53 هزار 522 ماڻهن کي منتقل ڪيو ويندو، تقريبن 60 هزار ماڻهو ٿي ويندا، مجموعي طور41 ديهه، 105 ڳوٺ، 9194 گهر، 53522 ماڻهو آهن، انهي سان گڏ لائيو اسٽاڪ 6220 آهي
ٺٽي ضلعي ۾ ڪيٽي بندر ۾ 14 هزار آبادي آهي، 13950 ماڻهن کي منتقل ڪرڻو آهي، گهوڙا ٻاري تعلقي ۾ 7750 ماڻهن کي منتقل ڪرڻو آهي، بدين ۾ به ماڻهن کي منتقل ڪرڻ جا انتظام ڪري ورتا آهن
مراد شاهه چيو ته اسان قلم 144 لڳايو آهي، مسجدن ۽ ريڊيو ۽ سوشل ميڊيا تي اعلان ڪيا آهن،
نيوي 8 ٻيڙين کي ريسڪيو ڪيو آهي، جنهن ۾ 64 مهاڻا هئا
وزيراعليٰ چيو ته سجاول ۾ 3 رليف ڪئمپ قائم ڪيون آهن، ميڊيڪل رليف ڪيمپ جاتي ۽ چوهڙ جمالي ۾ ٺاهي آهي، سرڪاري ملازمن جون موڪلون رد ڪيون آهن، ڊي سي آفيس ۾ سهولت ڪنٽرول سينٽر قائم ڪيو آهي
هڪ سوال تي وزيراعليٰ چيو ته انهن ماڻهن کي منتقل ڪري ڪيمپن ۾ نٿا رکي سگهون، تيز هوائن ۾ ٽينٽ اڏامي ويندا، پڪي جاين تي انهن کي رکنداسين پر بعد ۾ خيمن جي ضرورت پوندي، انهي جا به انتظام ڪري ورتا آهن، جنهن ۾ کاڌو پيتو، ترپال، سولر لائيٽ ۽ ٻيو سامان شامل آهي
مراد شاهه چيو ته طوفان لاءِ ايندڙ 3-4 ڏينهن اهم آهن، ڪراچي ۾ 14جون کان تعميراتي ڪم بند ڪنداسين، 70 زبون عمارتون خالي ڪرايون وينديون، طوفان ڪراچي سان سڌي ريت نه ٽڪرائجندو، اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته اڌ ڪلاڪ ۾ 60 ملي ميٽر برسات پوندي يعني اڍائي انچ برسات اڌ ڪلاڪ ۾ ٿيندي، ڪلائوڊ برسٽ وارو سسٽم هوندو، هوائون 70 ڪلو ميٽر رفتار سان هلنديون، بل بورڊز هٽائڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي، ڪي ايم سي ، واٽر بورڊ، ڊي ايم سي کي الرٽ ڪيو آهي پمپنگ مشينون لڳايون پيون وڃن، عملو موجود هجي، تيل به هجڻ گهرجي، ايمرجنسي ڊيوٽي لڳائي وئي آهي
مراد شاهه چيو ته ابراهيم حيدري، ريڙهي، مبارڪ وليج، بابا ڀٽ ۽ ٻين هنڌن تان ماڻهن کي منتقل ڪيو پيو وڃي، جيڪي اسڪول کليل آهن انهن کي به بند ڪنداسين، ماڻهن جي رهائش لاءِ متبادل هنڌ جو بندوبست ڪري رهيا آهيون اڄ کان 3 ڏينهن بعد خميس جي اڳڪٿي آهي تيز برسات ۾ ماڻهو بنا جواز گهرن مان نه نڪرن
وڏي وزير چيو ته بدين ٺٽو، سجاول جي ايم پي ايز کي ٻه ڏينهن بجيٽ سيشن ۾ اچڻ جي ضرورت ناهي اهي ماڻهن جي وچ ۾ رهن انهن جي حفاظت ڪن، طوفان کان اڳ تياريون ڪريو