سنڌ جي ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي زمين تان قبضا ڇڏائڻ ۽ الاٽيز کي الاٽمينٽ جو حڪم    

سنڌ جي ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي زمين تان قبضا ڇڏائڻ ۽ الاٽيز کي الاٽمينٽ جو حڪم    

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا جي سب ڪاميٽي پاران الاٽيز  کي پلاٽن جو قبضو نه ڏيڻ تان ڊولپيمنٽ اٿارٽيز تي ڪاوڙ جو اظهار، هفتي اندر رپورٽ طلب، ان حوالي سان سنڌ ڪابينا جي سب ڪاميٽي جي وزيرن سعيد غني ۽ ناصر شاھ جي صدارت هيٺ اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي، حيدرآباد ڊولپمينٽ اٿارٽي، ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي ۽ سيوهڻ ڊولپمينٽ اٿارٽين جي سربراهن شرڪت ڪئي، صوبائي وزيرن سيد ناصر شاهه ۽ سعيد غني چيو ته ڊولپمينٽ اٿارٽين پاران الاٽيز کي پلاٽن جو قبضو نه ڏيڻ سنجيده مسئلو آهي. هنن چيو ته سنڌ ڪابينا جي سب ڪاميٽي اهڙا قدم کڻي پئي جنهن سان الاٽيز جو پلاٽن جي قبضي وارو مسئلو حل ٿئي. اجلاس ۾ ناصر شاھ چيو ته الاٽيز کي پلاٽن جو قبضو ڏيڻ بابت صوبائي محتسب ۽ عدالتن پاران جاري ڪيل سمورين هدايتن تي عمل ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڊولپمينٽ اٿارٽيز جي سربراهن کي هدايت ڪئي وئي ته هڪ هفتي اندر پلاٽن جو مڪمل رڪارڊ ڪاميٽي وٽ جمع ڪرائين. صوبائي وزيرن ٻڌايو ته لياري ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪي ڊي اي ۽ ايم ڊي اي پاران قبضي هيٺ آيل زمينون خالي ڪرايون آهن. هاڻي سمورن اٿارٽين جي سربراهن کي هدايت ڪئي پئي وڃي ته اهي لاڳاپيل اٿارٽين جي زمينن تان قبضو به ختم ڪرائين. صوبائي وزيرن چيو ته پوليس، رينجرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻين ادارن جون خدمتون حاصل ڪري انهن زمينن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا، هنن چيو ته گهرو وزير کي به قبضن بابت رپورٽ پيش ڪئي ويندي. هنن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪندي چيو ته سمورن الاٽيز کي قبضو حوالي ڪيو وڃي، جيڪڏهن ڪنهن کي پلاٽ الاٽ نه ٿي سگهيو آهي ته ان جي ڪارڻ بابت تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.