5 آگسٽ تي گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ ڊجيٽل فراڊ تي ٻڌل آدم ڳڻپ جا نتيجا منظور ڪيا ويا. بدقسمتيءَ سان سنڌ جي وڏي وزير هڪ اهڙي آدم ڳڻپ کي خاموشيءَ سان منظور ڪيو، جيڪا 2017ع واري آدم ڳڻپ کان به بدتر آهي، جنهن کي ساڳئي وڏي وزير مڃڻ کان انڪار ڪيو هو.
هيءَ آدم ڳڻپ هڪ مخصوص ٽولي جي فرمائش تي ڏهن بجاءِ پنجن ورهين اندر ڪرائي وئي. پهرين ڏينهن کان سنڌ واسين ان خدشي جو اظهار ڪيو پئي ته هيءَ فرمائشي آدم ڳڻپ هڪ مخصوص ٽولي جي مرضيءَ جا انگ اکر تيار ڪرڻ واري عمل جو حصو آهي ۽ سنڌ حڪومت کي ان ۾ ڌر نه بڻجڻ گهرجي ها.
آدم ڳڻپ ۾ سڃاڻپ ڪارڊ کي لازمي قرار نه ڏئي هٿ ٺوڪين نالن جي ڳڻپ جي راهه هموار ڪئي وئي. ڌارين آباديءَ کي الڳ ڳڻڻ لاءِ به ڪو طريقهء ڪار نه جوڙيو ويو. تياري ايتري اڻپوري هئي جو 5 ڀيرا آدم ڳڻپ جي تاريخ وڌائي وئي. جيئن ته انگ اکر ڪمپيوٽر جي ڊيٽابيس ۾ ڪٺا ٿي رهيا هئا، تنهنڪري جيستائين ان سان هٿ چراند ڪري ڦير گهير نه ڪئي وڃي، تيستائين ته ان ۾ آباديءَ جي اصل شڪل ظاهر ٿي رهي هئي. 28 اپريل تائين به ڪراچي ڊويزن جي آبادي هڪ ڪروڙ، 73 لک هئي، جڏهن 98.58 سيڪڙو گهر ڳڻجي چڪا هئا. انهن انگن ان لساني گروهه جي اميدن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو، جن جي هٿ ٺوڪي دعويٰ هئي ته ڪراچي ڊويزن 3 ڪروڙ آباديءَ تي ٻڌل آهي. ان گروهه پاران حڪومت مٿان دٻاءُ وجهڻ لاءِ بيان بازي ۽ پريس ڪانفرنسن جو سلسلو شروع ٿي ويو.
27 اپريل تي انگريزي اخبار دي نيوز رپورٽ ڏني ته ايم ڪيو ايم جي هڪ وفد وزير اعظم شهباز شريف کي ڌمڪي ڏني ته هو پنهنجي ميمبرن کان استعيفائون وٺي حڪومت کان الڳ ٿي ويندا. ان تي وزير اعظم فرمان جاري ڪيو ته سندن خدشا ختم ڪيا وڃن. چيو ٿو وڃي ته ايم ڪيو ايم وارن پنهنجن اصل مالڪن کي به چيو ته اسان اوهان جي حڪم تي عمران خان کان الڳ ٿي هن حڪومت ۾ شامل ٿياسين، هاڻي اسان جي فرمائش پوري ڪري ڏني وڃي. ان کانپوءِ انگن اکرن سان هٿ چراند جو عمل شروع ٿي ويو. ان دوران 16 مئي تي ڳڻپ واري کاتي آدم ڳڻپ مڪمل ٿيڻ جي عمل جو اعلان ڪيو. ان وقت جيڪي انگ اکر سامهون آيا، ان تي سنڌ جي وڏي وزير پرزور احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جي آباديءَ جو ڪاٿو 5 ڪروڙ، 76 لک ٻڌايو ويو آهي، جيڪو اسان جي ڪاٿي کان 68 لک گهٽ آهي. ان کانپوءِ 23 مئي جي اخبارن ۾ چيف سينسس ڪمشنر جناب نعيم ظفر پريس ڪانفرنس ڪندي ملڪي آباديءَ جا جيڪي انگ اکر پڌرا ڪيا، ان ۾ سنڌ جي آبادي 5 ڪروڙ، 79 لک ٻڌائي وئي. 21 مئي جي انهن انگن اکرن سان هٿ چراند ڪري 5 آگسٽ تي انهن کي جنهن ريت گهٽايو ويو، ان جا ضلعي ۽ ڊويزن سطح جا وچور جدول ۾ ڏنل آهن. هن جدول تي نظر وجهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جي جنهن وزيراعليٰ صاحب کي 5 ڪروڙ، 76 لک آبادي ڳڻپ تي اعتراض هو، آخر ۾ ان 5 ڪروڙ 56 لک جي انگ تي صحيون ڪيون.
جيڪڏهن ان جدول ۾ 21 مئي ۽ 5 آگسٽ جي وچ ۾ ٿيل تبديل ٿيل انگن تي نظر وجهنداسين ته هيٺيون حقيقتون ظاهر ٿينديون.
پنجاب جو ملڪي آبادي ۾ 2017ع وارو حصو برقرار رکڻ لاءِ سنڌ جي آبادي 22 لک، 29 هزار گهٽائي وئي.
ايم ڪيو ايم کي خوش ڪرڻ لاءِ ڪراچي ڊويزن جي آبادي 12 لک، 58 هزار وڌائي وئي.
سنڌ جي باقي سمورين ڊويزنن جي آباديءَ ۾ لڳ ڀڳ 35 لک گهٽتائي ڪئي وئي. سڀ کان وڌيڪ گهٽتائي (يعني 11 لک) لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ ڪئي وئي.
سنڌ جي 30 ضلعن مان ڪراچي جي مخصوص آباديءَ وارن چئن ضلعن ۾ آبادي ۾ واڌ ڏيکاري وئي ۽ باقي 26 ضلعن جي آبادي گهٽ ڏيکاري وئي.
هٿراڌو واڌ ۾ سڀ کان گهڻو فائدو ڪراچي اوڀر ضلعي کي ڏنو ويو، جنهن جي آباديءَ ۾ ان عرصي دوران 6 لک، 11 هزار جي واڌ ڪئي وئي.
آبادي گهٽايل ضلعن ۾ سڀ کان گهڻو نقصان خيرپور ميرس کي ڏنو ويو، جنهن جي آبادي 3 لک، 68 هزار گهٽائي وئي. جيڪب آباد جي آبادي 3 لک، 26 هزار ۽ شڪارپور جي لڳ ڀڳ 3 لک آبادي گهٽائي وئي.
آباديءَ جي انگن اکرن سان ايڏي وڏي هٿ چراند جا اگرا نتيجا گهڻ پاسائان نڪرندا. ڪراچي جي هڪ مخصوص آباديءَ جو هٿراڌو طور وڌايل انگ مستقبل جي ڳڻپ لاءِ نئون بنيادي انگ بڻجي ويو. 2017ع ۾ ڪراچي اندر اردو ڳالهائيندڙ آبادي 42 سيڪڙو ظاهر ٿي هئي. هن ڀيري اندازو هو ته اهو انگ 35 ۽ 40 سيڪڙي جي وچ ۾ بيهي ها. هاڻي ان مخصوص آباديءَ جا انگ وڌائي ان سيڪڙي کي به وڌايو ويندو. اهڙي ريت اهو گروهه ڪراچي شهر تي ڪمزور ٿيل دعوا کي نئين سر اڀاريندو. ان کانسواءِ سنڌ جي ٻهراڙين ۾ هٿراڌو طرح سان انگ گهٽائي آئينده ٿيندڙ آدم ڳڻپ ۾ ان جي آباديءَ جا ٺيڪ انگ ڏيکارڻ کي مشڪل بڻايو ويو. اڳتي هلي جڏهن به نئين ڳڻپ ۾ انهن ضلعن جا حقيقي انگ اکر اڳيان ايندا ته واڌ جي شرح غير رواجي نظر ايندي ۽ ان کي قبول نه ڪيو ويندو. آبادي جي ان ڦير گهير سان ٻين ڊويزنن مان صوبائي اسيمبليءَ جون 2 يا 3 سيٽون ڪراچي شهر ڏانهن منتقل ٿينديون. وفاق اندر وسيلن جي ورهاست ۾ سنڌ جو حصو ساڳيو 23 سيڪڙو برقرار رهندو پر صوبي اندر وسيلن جي ورڇ ۾ آباديءَ واري حصي ۾ ڪراچي شهر کي 4 سيڪڙو وسيلا وڌيڪ ملندا، جيڪي هونئن ٻين ضلعن کي ملن ها. ايئن هڪ وڏي فراڊ وسيلي سنڌ ۽ وفاقي حڪومت ٻهراڙين جي ضلعن جي آبادي گهٽ ڏيکاري هڪ مخصوص آباديءَ وارن شهري علائقن کي فائدو ڏنو. اها ڊيموگرافڪ انجنيئرنگ صوبي اندر مقامي اصلوڪي آباديءَ جي ٿورائي ۾ تبديل ٿيڻ واري عمل کي تيز ڪرڻ جو ڪارڻ بڻجندي. سياسي لحاظ کان ڏسجي ته ون يونٽ کانپوءِ سنڌ کي هي نئون ڪاپاري ڌڪ هنيو ويو، جنهن جي ذميواري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ۽ سنڌ حڪومت مٿان عائد ٿئي ٿي. حيرت ۽ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ سان ٿيل ايڏي وڏي انياءَ تي سنڌ جون سياسي ڌريون ڪوبه سگهارو رد عمل نه پيون ڏيکارين، جنهن مان لڳي ٿو ته اها هٿرادو انگن اکرن واري آدم ڳڻپ ڦٻي ويندي.