| سنڌ جي ڪچي جي 16 لک 10 هزا ايڪڙ زمين جو سروي ڪرائڻ جو فيصلو: 70 ڪروڙ به جاري |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا پاران پرڳڻي جي ڪچي جي 16 لک 10 هزا ايڪڙ زمين جو سروي ڪرائڻ جو فيصلو، اجلاس کي بورڊ آف روينيو تجويز ڏني ته سروي آف پاڪستان ذريعي سنڌ جي ڪچي جي زمين جي جامع سروي گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ بنيادن تي 705 ملين رپين جي لاڳت سان ڪرائي وڃي۔ اها سروي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزنن جي 613 ديهن تي مشتمل هوندي، جنهن ۾ ڪچي جي 1.61 ملين ايڪڙ زمين شامل هوندي۔ بورڊ آف روينيو موجب اهو پراجيڪٽ 31 مارچ 2026ع تي منظور ٿيو هو، جولاءِ ۾ بورڊ آف روينيو ۽ سروي آف پاڪستان وچ ۾ معاهدو پڻ ٿيو، ناڻي کاتي جي مشوري تي اها تجويز ٻيهر ڪابينا ۾ آندي وئي، ساڍا 15 مهينن جو پراجيڪٽ هاڻ مالي سال 2026ع-27ع تائين هليو ويندو۔ سروي ۾ سيٽلائيٽ تصويرون، جي آءِ ايس ميپنگ، جيوڊيٽڪ ڪنٽرول، ڪيڊسٽرل ۽ پارسل ليول ميپنگ، زمين جي استعمال جي جيو-ٽيگنگ، حدن جي نشاندهي ۽ ملڪيت ۽ زمين جي استعمال جي ڊيٽا شامل هوندي۔ وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ڪچي جي زمينن جي درست ميپنگ شفاف زمين جي انتظاميه، ماحولياتي تحفظ، اثرائتي رٿابندي ۽ غير قانوني قبضا ختم ڪرڻ لاءِ ضروري آهي۔ هن بورڊ آف روينيو ۽ سروي آف پاڪستان کي هدايت ڪئي ته اها مشق طئي ٿيل وقت اندر مڪمل ڪئي وڃي