سنڌ جي ڪچي ۾ نيٽو جا هٿيار وڪرو ٿين ٿا: عوامي تحريڪ

سنڌ جي ڪچي ۾ نيٽو جا هٿيار وڪرو ٿين ٿا: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ساجد حسين مهيسر، نائب صدر ستار رند، مرڪزي اڳواڻ نور نبي پليجو ۽ ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جون ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف ڪارروائن بابت ڪيل دعوائون مڪمل طور تي ڪوڙ ۽ حقيقتن کي لڪائڻ جي ناڪام ڪوشش آهن. پيپلز پارٽي جي حڪومتي دور ۾ سالن کان وٺي سنڌ جو ڪچو توڙي پڪو منظم نموني ڏوهارين، ڌاڙيلن، منشيات فروشن ۽ هٿيارن جي مافيا جي حوالي آهن. هنن چيو ته سال 2025 دوران سنڌ ۾ هزارين ماڻهن جي اغوا جا ڪيس رپورٽ ٿيا. جڏهن ته مجموعي طور تي سنڌ اندر اغوا، ڀنگ ۽ جبري گمشدگين جا هزارين واقعا رپورٽ ٿيا. اغوا ٿيل ماڻهن جون ويڊيوز ٺاهي مائٽن کان ڪروڙين رپين جو ڀنگ طلب ڪيو وڃي ٿو. عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو آهي ته سنڌ جو ڪچو افغانستان ۾ نيٽو جي ڇڏيل جديد هٿيارن جي کليل منڊي بڻجي چڪو آهي. جتي اغوا، هٿيارن ۽ منشيات جو ڪروڙين رپين جو ڪاروبار ٿئي ٿو. انتهائي افسوسناڪ ڳالهه آهي ته پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڻ ڪيترن ئي بيانن ۾ اعتراف ڪري چڪو آهي ته سنڌ جي ڪچي ۾ نيٽو جا هٿيار وڪرو ٿين ٿا پر ان اعتراف باوجود سنڌ سرڪار نه جاچ ڪئي، نه ئي ڪنهن ذميوار خلاف ڪارروائي ڪئي. ھنن چيو ته اغوا، هٿيارن ۽ منشيات جي سرعام وڪرو خلاف سنڌ سرڪار جي ڪن تي جون ئي نٿي سُري. سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزنن ۾ حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ اتي سرڪار بدران سردارن جو قانون لاڳو آهي. اهي سردار پاڻ کي اعلى عدالتن کان به مٿانهون سمجهي ماڻهن جي جيئڻ مرڻ جا فيصلا ڪن ٿا.