سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کي هٽائڻ جو فيصلو؟

سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کي هٽائڻ جو فيصلو؟

اسلام آباد (م ڊ) وفاقي حڪومت جو سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کي هٽائڻ جو  فيصلو حتمي فيصلو ڪري ورتو آھي. ميڊيا ادارن جي رپورٽ موجب وزيراعظم شهباز شريف، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽسوري کان استعيفيٰ طلب ڪري ورتي آهي. ذريعن موجب جيڪڏھن گورنر ڪامران ٽسوري عھدي تان استعيفيٰ نه ڏني ته کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويندو. ٻئي پاسي گورنر ڪامران ٽسوري عھدي تي برقرار رھڻ لاءِ اسلام آباد پھتل آھي، جتي ھن اھم حڪومتي شخصيتن سان رابطا ڪيا آھن. ذريعن موجب گورنر کان استعيفيٰ طلب ڪئي وئي آھي ۽ جيڪڏھن هن استعيفيٰ نه ڏني ته کيس ڊي نوٽيفاءِ ڪيو ويندو. ٻئي پاسي ڪامران ٽسوري اسلام آباد ديرا ڄمائي ورتا آهن، هو هن وقت سنڌ هائوس ۾ موجود آهي، جتي هو پنهنجي گورنرشپ بچائڻ لاءِ اهم گڏجاڻيون ڪندو.