| سنڌ جي گھروکاتي کي ٽوڙي جيلن وارو الڳ کاتو قائم ڪرڻ جو فيصلو: ڪميٽي قائم |
ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي گھرو کاتي کي ٽوڙي جيلن وارو الڳ کاتو قائم ڪرڻ جو حتمي فيصلو، ڪاميٽي قائم، ان ڏس ۾ سنڌ سرڪار صوبي ۾ جيلن جو الڳ کاتو قائم ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جي جوڙجڪ جي حوالي سان چيف سيڪريٽري جي سربراهي ۾ 4 رُڪني اعليٰ سطحي ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي، انهي ۾ گھرو کاتي جو ايڊيشنل چيف سيڪريٽري، قانون وارو سيڪريٽري ۽ ايڊووڪيٽ جنرل شامل هوندا. ڪاميٽي جو پهريون اجلاس سڀاڻي گھرايو ويو آهي. اجلاس ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر سينٽرل جيلن سميت صوبي جي 23 جيلن کي نئين قائم ٿيندڙ جيل کاتي حوالي ڪيو ويندو، اجلاس ۾ نئين کاتي جي جوڙجڪ ۽ انتظامي وهنوار هلائڻ لاءِ سيڪريٽري جيلز سميت ٻيون نيون پوسٽون پيدا ڪرڻ جي حوالي سان تفصيلي تجويزون پيش ڪيون وينديون. ذريعن موجب صوبي ۾ ڪراچي، سکر، حيدرآباد، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ خيرپور سينٽرل جيلون ۽ 17 ضلعي جيلون آهن، جڏهن ته جيل کاتي وٽ 6 هزار جي لڳ ڀڳ نفري موجود آهي، واضح رهي ته سنڌ ۾ گھرو ۽ جيل کاتن جا صوبائي وزير الڳ الڳ آهن. پر کاتو هڪ ئي هجڻ ڪري گھرو کاتي جو سيڪريٽري ئي جيلن واري کاتي جو وهنوار هلائيندو آهي. کاتو الڳ ٿيڻ بعد جيلن واري کاتي جو سيڪريٽري به الڳ مقرر ٿيندو.