سنڌ جي 10 رڪني نگران ڪابينا اڄ شام حلف کڻندي: برگيڊيئر حارث، مبين جماڻي، يونس ڍاڳا، خدابخش مري، ايشور لال، عمر سومرو ۽ ارشد ولي وزير ٿيندا

آگسٽ 19, 2023

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم)نگران وڏي وزير رٽائرڊ جسٽس مقبول باقر نگران سنڌ ڪابينا جي ميمبرز لاءِ مشاورت مڪمل ڪري ورتي آهي

سنڌ سرڪار جي ذريعن موجب پهرين مرحلي ۾ برگيڊيئر حارث نواز، صنعتڪار مبين جماڻي، اڳوڻي ايم پي اي محمد علي شاهه جي فرزند ۽ سماج سڌارڪ ڊاڪٽر جنيد شاهه، ڊاڪٽر سعد نياز، اڳوڻي وفاقي سيڪريٽري يونس ڍاڳا، خدابخش مري ۽ ضياءُ الدين ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپال ڊاڪٽر رعنا حسين، ايشور لال، عمر سومرو ۽ ارشد ولي محمد کي وزيرطور شامل ڪيو پيو وڃي

 سنڌ جي اڳوڻي چيف سيڪريٽري صديق ميمڻ ۽ ڪراچي آرٽس ڪائونسل جي سربراهه احمد شاهه بابت رات دير سان مشورا هلندڙ هئا پر سندن نالن تي اتفاق نه ٿي سگهيو

 ذريعن جو چوڻ هو ته متحده پاران تعليم، صحت ۽ مڪاني ادارا وارا کاتا گهريا ويا آهن جڏهن ته جي ڊي اي ۽ متحده جي ڪوشش رهي ته ڪابينا ۾ 50 سيڪڙو حصو ورتو وڃي

 نگران وزيراعليٰ  جسٽس مقبول باقر ننڍي  ڪابينا کڻڻ لاءِ بضد رهيو، جنهن بعد ڪابينا کي 2 مرحلن ۾ کڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو، پهرين مرحلي ۾ 8 کان 10 وزير ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ ضرورت پوڻ تي واڌارو ڪيو ويندو

 ذريعن اهو به ٻڌايو ته برگيڊيئر حارث نواز کي گهرو کاتو ۽ مبين جماڻي کي وري 2 کاتن جا قلمدان ملڻ جا امڪان آهن

ذريعن جو چوڻ آهي ته اڄ 10 رُڪني ڪابينا پاران حلف کنيو ويندو، گورنر هائوس ۾ تقريب دوران گورنر ڪامران ٽسوري حلف کڻائيندو

Leave A Comment