| سنڌ جي 10 لک ٻوريون ڪڻڪ ڪي پي کي سستي وڪرو: اٽي بحران جو خدشو: 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم |
ڪراچي (رپورٽ: الطاف چنا) پاڪستان فلور ملز ايسوسيئيشن سنڌ سرڪل جي چيئرمين عبدالجنيد عزيز خوراڪ کاتي مٿان صوبي جي 10 لک ٻوريون ڪڻڪ ڪي پي جي واپارين کي وڪڻڻ ۽ واپارين کي ڪڻڪ 80 ۽ فلور ملن کي 95 رپيا في ڪلو ۾ وڪڻڻ جا الزام هڻندي سرڪار کي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏئي ڇڏيو، سنڌ جي ڪڻڪ ۽ اٽي بابت پاليسي بابت پريس ڪلب ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت جي موجوده پاليسي سبب 15 جنوري کانپوءِ مارڪيٽ مان ڪڻڪ ۽ اٽو غائب ٿيڻ جو وڏو خدشو آهي. هن چيو ته سنڌ جي ڪڻڪ جون 10 لک ٻوريون ڪي پي جي واپارين کي 8000 رپيا في ٻوري واري اگهه تي ڏنيون پيون وڃن، سرڪار واپارين کي 80 ۽ سنڌ جي فلور ملز کي 95 رپيا في ڪلو ڪڻڪ ڏئي رهي آهي هنن چيو ته بروقت قدم نه کنيا ويا اٽي لاءِ مارا ماري شروع ٿي ويندي، هن چيو ته خوراڪ وارو صوبائي وزير ۽ وڏو وزير فلور ملز اڳواڻن سان ملاقات ڪرڻ لاءِ تيار ناهن، هنن چيو ته سنڌ جي ڪڻڪ ڪي پي جي واپارين بجاءِ سنڌ جي فلور ملن کي ملڻ گهرجي، 48 ڪلاڪن اندر مسئلوحل نه ٿيو ته لائحه عمل جو ڙينداسين ، هن چيو ته گذريل ٻن سالن کان اٽي جي قيمت ۾ ڪو به اضافو نه ٿيو آهي، جيڪڏهن ڪڻڪ پاليسي ۾ سڌارا نه آندا ويا ته اٽي جي قيمتن ۾ اضافو اڻٽر ٿي ويندو.پريس ڪانفرنس دوران محمود مولوي الزام لڳائيندي چيو ته حڪومت ۾ ويٺل اهم ماڻهن سرڪاري ڪڻڪ جاري ڪرڻ لاءِ فلور ملرز کان اربين رپين جي رشوت جو مطالبو ڪيو آهي. وٽس رشوت طلب ڪندڙن جون وڊيوز به موجود آهن، هن چيو ته 24 ڪلاڪن اندر فلور ملرز کي ڪڻڪ نه ملي ٿه هو سڀني جا نالا سامهون آڻيندو، هن چيو ته فلور ملرز سرڪاري اگهه مطابق 95 رپيا في ڪلو ڪڻڪ خريد ڪرڻ لاءِ تيار آهن پر اسان کي نظرانداز ڪيو پيو وڃي.