سنڌ جي 16 شگر ملن جي 850 ملين سبسڊي بابت فيصلو محفوظ

سنڌ جي 16 شگر ملن جي 850 ملين سبسڊي بابت فيصلو محفوظ

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ شگر ملن پاران سبسڊي جاري نه ڪرڻ وارين 16 درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، درخواستگذار جي وڪيل جو چوڻ هو ته ٽريڊ ڊولپمينٽ اٿارٽي کي 2013ع ۾ شگر ملن کي سبسڊي  جاري ڪرڻ  کان روڪيو ويو، ٽڊاپ کي شگر ملن کي 850 ملين جي سبسڊي ادا ڪرڻي آهي، ٽڊاپ جي وڪيل چيو ته صنعت ۽ واپار واري وزارت پاران ٽڊاپ کي سبسڊي جاري ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي، سبسڊي لاءِ ناڻي وزارت کان فنڊنگ گهربل آهي، آڊيٽر پاران سبسڊي جي دعوي’ جي جاچ ضروري آهي، سمورا مرحلا مڪمل ڪرڻ بعد ئي سبسڊي جي ادائگي ممڪن آهي, عدالت پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا لاڳاپيل ادارن پاران جواب جمع ٿي چڪا آهن؟ جنهن تي  سرڪاري وڪيل چيو ته صنعتن واري وزارت جو جواب جمع ٿي چڪو آهي، ناڻي وزارت کي جواب جمع ڪرائڻ لاءِ مهلت ڏني وڃي.