سنڌ جي 19 ضلعن ۾ 2640 اسڪول بند ۽31 جعلي هجڻ جو انڪشاف: هاءِ ڪورٽ پاران 2 مهينن ۾ اسڪول کولڻ جو حڪم
جنوري 26, 2024
ڪراچي (رپورٽ: نظير ميمڻ) سنڌ ۾ استادن جي کوٽ، عمارتون ۽ فرنيچر نه ھئڻ سبب 2640 اسڪول بند، ڏيپلي ۽ عمرڪوٽ ۾ 31 اسڪول جعلي، شڪارپور ۾ اسڪولن تي بااثر ماڻھن جو قبضو ھئڻ جو انڪشاف
19 ضلعن جي اسڪولن جي رپورٽ عدالت ۾ پيش،سنڌ هاءِ ڪورٽ 2 مهينن ۾ سمورا اسڪول کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪالهه سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور صوبي ۾ تعليمي نظام ۽ اسڪولن جي بندش بابت ڪيس جو 114 صفحن تي ٻڌل تفصيلي فيصلو جاري ڪندي سمورن بند پيل اسڪولن کي ٻن مھينن اندر کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
عدالتي حڪم تي سنڌ جي 19 ضلعن جي دوري کانپوءِ جڊيشل مئجسٽريٽن پاران پيش ڪيل رپورٽن ۾خطرناڪ انڪشاف سامهون آيا آھن، رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آھي ته سنڌ حڪومت استادن جي کوٽ، عمارتون ۽ فرنيچر نه ھئڻ سبب 2640 اسڪول بند ڪري ڇڏيا آهن، رپورٽ موجب ڪشمور ۾ 135، ڄامشوري ۾ 109، جيڪب آباد ۾ 162 ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ 85 اسڪول بند پيل آهن، ڇوڪرين جا 12 مان 6 اسڪول مڪمل طور بند پيل آهن. جڏھن ته دادو ۾ 45 ۽ عمرڪوٽ ۾ 304 اسڪول بند پيل آهن
رپورٽ موجب ضلعي جي 12 اسڪولن جو رڪارڊ ئي جعلي آهي، عمرڪوٽ ۾ ڇوڪرين جا 58 پرائمري اسڪول، ساماري ۾ 28 ۽ پٿوري ۾ ڇوڪرن جا 69 ۽ ڇوڪرين جا 39 اسڪول بند ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب شهيد بينظير آباد ۾ استادن جي کوٽ سبب 72 اسڪول بند آهي، مٺي ۾ 181 اسڪول بند ۽ ڏيپلي ۾ 19 اسڪول جعلي هئڻ جو انڪشاف سامھون آيو آھي
ڪلوئي ۾ 15 اسڪول عمارتون نه هجڻ سبب بند آهن، جڏهن ته 2 اسڪول جعلي آھن، رپورت موجب ٺٽي ۾ 254 ۽ حيدرآباد ۾ 109 اسڪول بند پيل آهن، جن ۾ 28 ڇوڪرين جا اسڪول به شامل آهن، ٽنڊوالهيار ضلعي ۾ 33 ۽ شڪارپور ۾ 77 اسڪول بند پيل آھن، شڪارپور ۽ خانپور تعلقن جي 2 اسڪولن تي بااثر ماڻهن جو قبضو آھي، لاڙڪاڻي ۾ 27، مٽياري ۾ 121 ۽ گهوٽڪي ۾ 182 اسڪول بندآهن، جن مان ڏھرڪي تعلقي جا 72 اسڪول منظور ئي نه ڪيا ويا آهن. نوشهري فيروز ۾ 161 ، قمبر ۾ 185 ۽ سانگهڙ ۾ 438 اسڪول بند آهن، جسٽس صلاح الدين پنھور اھڙي رپورٽ تي حيرت جو اظھار ڪندي سنڌ حڪومت کي ٻن مھينن اندر سمورا اسڪول کولڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو .