ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي 2 کرب 244 ارب جي بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ 160 ارب رکيا ويا آهن
وزيراعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ بجيٽ 2023-24ع پيش ڪري رهيو آهي، مراد شاهه ٻڌايو ته امن امان لاءِ 160 ارب، تعليم لاءِ 353 ارب، صحت لاءِ 20 ارب رکيا ويا آهن
ترقياتي بجيٽ لاءِ 410 ارب مختص، وفاقي پي ايس ڊي پي ۾ سنڌ لاءِ 12 ارب جو ڪاٿو، نئين ۽ جاري ترقياتي اسڪيمن لاءِ 380 ارب، 7193 نئين اسڪيمن لاءِ 88 ارب، 3311 جاري اسڪيمن لاءِ 291 ارب رکيا ويا آهن
مڪاني ترقياتي بجيٽ 62 ارب، ميگا پروجيڪٽس لاءِ 12 ارب 52 ارب، ضلعي ترقياتي بجيٽ لاءِ 30 ارب رکيا ويا آهن جڏهن ته غيرملڪي فنڊنگ سان هلندڙ منصوبن جو ڪاٿو 266 ارب کان وڌيڪ لڳايو ويو
وڏي وزير مراد علي شاهه گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جي پگهارن ۾ 35 سيڪڙو واڌ جو اعلان ڪيو، گريڊ 16 کان مٿي وارن ملازمن جي پگهارن ۾ 30 سيڪڙو واڌ ڪئي پئي وڃي، ساڍا 17 سيڪڙو پينشن وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت 25 هزارن مان وڌائي 35 هزار ڪئي پئي وڃي