سنڌ جي 24 ڪامورن کي 20 ۽21 گريڊن ۾ ترقيون: نوٽيفڪيشن جاري 

سنڌ جي 24 ڪامورن کي 20 ۽21 گريڊن ۾ ترقيون: نوٽيفڪيشن جاري 

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ حڪومت سليڪشن بورڊ ون جي منظوري بعد ڪامورن جي ترقين جا نوٽيفڪيشن جاري ڪر ي ڇڏيا، ان ڏس ۾ ڪجهه  ڏينھن اڳ وڏي وزير سيد مراد شاھ جي صدارت هيٺ ٿيل سليڪشن بورڊ ون جي اجلاس ۾ 24 ڪامورن کي 20 ۽ 21 گريڊن ۾ ترقيون ڏيڻ جي منظوري ڏني وئي هئي، ڪالهه سروسز کاتي جي اختيارين فرخ شهزاد قريشي، غلام مرتضيٰ ميمڻ، جمشيد عالم ميمڻ، سيف الله ابڙو، ايان مصطفيٰ ڀٽو سميت ٻين ڪامورن کي 20هين گريڊ ۾ سيڪريٽري جي عهدن طور ترقيون ڏيڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.