سنڌ جي 28کاتن جون 114 ارب جون 113 رٿائون 24سالن کان رليل: پلاننگ چيئرمين طلب

سنڌ جي 28کاتن جون 114 ارب جون 113 رٿائون 24سالن کان رليل: پلاننگ چيئرمين طلب

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ جي 28 کاتن جون 114 ارب رپين جون منظور ٿيل 113 اي ڊي پي اسڪيمون 24سال (2001ع کان 2025ع تائين) گذرڻ باوجود رولڙي جو شڪار، آر بي او ڊي ٽو، نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس 7 ۽ 8 جي تعمير، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ شهيد بينظير ڀٽو جي چيئر وارا اهم منصوبا اربين رپيا خرچ ٿيڻ باوجود منصوبا مڪمل نه ٿي سگهيا، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي انهن رٿائن جي پوزيشن بابت رٿابندي کاتي کان رپورٽ طلب ڪندي ايندڙ اجلاس ۾ پي اينڊ ڊي جي چيئرمين کي طلبي ورتو، پي اي سي اجلاس ۾ پلاننگ کاتي جي سال 2023ع کان سال 2024ع تائين جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ هڪ آڊٽ پيرا تي ڊي جي آڊٽ پاران اعتراض اٿاريو ويو ته سنڌ جي 28 کاتن جون 114 ارب 39 ڪروڙ رپين جون سال 2001ع کان 2017ع تائين منظور ٿيل اي ڊي پي اسڪيمون مڪمل ناهن  ٿيون، ايترا سال گذرڻ باوجود اهي رٿائون بجيٽ بوڪ ۾ شامل ڪيون پيون وڃن، جنهن سان سنڌ حڪومت جي خزاني کي نقصان ٿي رهيو آهي. جنهن تي پي اي سي چيئرمين نثار کهڙو پڇاڻو ڪيو ته مختلف کاتن جي 114 ارب رپين جي منظور ٿيل 133 اسڪيمن مان ڪيتريون اسڪيمون مڪمل ٿي ويون آهن ۽ اڃا ڪيتريون اسڪيمون رولڙي جو شڪار آهن؟ ان بابت رپورٽ پيش ڪئي وڃي. جنهن تي پلاننگ کاتي جي سيڪريٽري ٻڌايو ته مختلف کاتن پاران سال 2001ع کان ڪيتريون ئي اسڪيمون مڪمل نه ڪيون ويون آهن،  اسان کاتن کان پڇاڻو ڪري تفصيل پڻ گهريا آهن. ڪميٽي جي ميمبر قاسم سومرو چيو ته اهي اسڪيمون وقت تي مڪمل نه ٿيڻ سبب روائيز ڪيون ويون هونديون، جنهن سان سنڌ جي خزاني تي وڌيڪ بار پوندو، پلاننگ کاتو لاڳاپيل کاتن کان وقت سِر اسڪيمون مڪمل نه ڪرڻ بابت پڇاڻو ڇو نه ٿو ڪري؟ جنهن تي پلاننگ کاتي جي آفيسرن ٻڌايو ته امبريلا اسڪيمن سبب ڪجهه اي ڊي پي اسڪيمون مڪمل نه ڪيون ويون آهن، جيسيتائين اُهي مڪمل نه ٿيون ٿين، اسان  انهن اسڪيمن کي اي ڊي پي مان ٻاهر ڪڍي نه ٿا سگهون، پراڻين اسڪيمن بابت طريقي ڪار واضح ڪرڻ لاءِ  سمري وڏي وزير کي اماڻي پئي وڃي. واضع رهي ته آر بي او ڊي ٽو جي سيوهڻ کان ٺٽي ۾ سمنڊ تائين  فيز لاءِ 7 ارب رپيا، نيو سنڌ سيڪريٽريٽ ڪامپليڪس نمبر 7 ۽ 8 جي تعمير لاءِ 9 ارب 42 ڪروڙ رپيا، سنڌ جي ٻهراڙي وارن ضلعن ۾ سولر لائٽس لڳائڻ لاءِ 3 ارب 29 ڪروڙ رپيا، ۽ ڪراچيءَ يونيورسٽي ۾ شهيد بينظير ڀٽو چيئر جي تعمير لاءِ 442 ملين رپين جي منظوري ڏني وئي هئي.