سنڌ جي يوسيز اڪائونٽ مان ڪروڙين رپيا غيرقانوني طور جاري

آگسٽ 5, 2023

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ يونين ڪائونسلن جي اڪائونٽ مان غيرقانوني طور ڪروڙين رپين جا فنڊ جاري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي

تفصيل موجب سنڌ جي مڪاني کاتي واري بورڊ جي  ماتحت 28 ضلعن جي يونين ڪائونسلن ۾ وڏي غبن جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي جنهن بعد ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيدبينظيرآباد جي سمورين يونين ڪائونسلن خلاف جاچ شروع ڪئي وئي آهي

لوڪل گورنمينٽ بورڊ پاران جاچ ۾ شامل سمورين يوسيز کي اختيارين کي ڌار ڌار تاريخن تي رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

جاچ ڪميٽي پاران يوسيز کي هلندڙ سال ۽ گذريل سال جي سموري رڪارڊ سميت پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته بينڪ اسٽيٽمينٽ، بجيٽ سميت ملازمن جا به تفصيل طلب ڪيا ويا

Leave A Comment